جو روٽ عالمي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ نمبر ون تي اچي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان جو روٽ ٽيسٽ بيٽسمينن جي عالمي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو.آءِ سي سي (انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل) جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ جو روٽ 6 ورهين کانپوءِ ٻيهر نمبر ون ٽيسٽ بيٽسمين بڻيو آهي. 30 ورهين جي انگلش بيٽسمين گذريل 11 ميچن ۾ 69.9 جي ايوريج سان هڪ هزار 3 سئو 98 رنسون ٺاهيون آهن، جنهن ۾ 6 سينچريون به شامل آهن. انگلينڊ ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ جاري ٽيسٽ سيريز ۾ برطانوي ڪپتان هيل تائين ٽنهي ٽيسٽ ميچن ۾ سينچريون اسڪور ڪري چڪو آهي. ٻنهي ٽيمن ۾ سيريز 1-1 تان برابر آهي ۽ خميس کان شروع ٿيندڙ چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ به جو روٽ پنهنجي بهترين ڪارڪردگي جاري رکڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو