جو بائيڊن جي ڪاميابي، باضابطه اعلان 6 جنوري تي ٿيندو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اليڪشن ڪميشن پاران صدارتي چونڊن ۾ ڊيمو ڪريٽڪ اميدوار جوبائيڊن کي ڪامياب قرار ڏيڻ بعد سومر تي نئين صدر جي چونڊ بابت اليڪٽورل ڪالج ۾ ووٽنگ ٿئي پئي ۽ ووٽن جا نتيجا ڪانگريس کي موڪليا ويندا جتي ڳڻپ بعد 6 جنوري تي باضابطه اعلان ڪيو ويندو. ڪميشن پاران موجده صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي شڪست جو باضابطه اعلان ڪرڻ بعد به هو شڪست تسليم نٿو ڪري. هو سپريم ڪورٽ ۾ ويو هو جتي هن چيو ته ڌانڌلي سبب نتيجا روڪيو پر عدالت به سندس درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ٽي نومبر تي ٿيل صدارتي چونڊن جي نتيجن جي 50 رياستن ۽ واشنگٽن جنهن کي ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا سڏيو ويندو آهي، صدارتي چونڊن جي نتيجن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، اليڪشن ڪميشن جي نتيجن موجب ڊيموڪريٽس 8 ڪروڙ 13 لک جڏهن ته ريپبلڪنز 7 ڪروڙ 42 لک ووٽ حاصل ڪيا آهن، نتيجن موجب جوبائيڊن کي 538 اليڪٽورل ڪالج جي ووٽن مان 306 جڏهن ته ٽرمپ 232 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو