جوکيو قتل ڪيس ۾ ايم اين اي نامزد، اغوا جي شق به شامل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، گرفتار سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڄام اويس جو وڏو ڀاءُ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم کي به جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ اغوا جي شقن کي به شامل ڪيو ويو آهي، پوليس ڪيس ۾ نامزد سنڌ اسيمبلي جي پي پي ايم پي اي ڄام اويس جي گهر مان ڊجيٽل وڊيو رڪارڊر پڻ هٿ ڪيو آهي. پوليس موجب قتل کانپوءِ ڊي وي آر به موقعي تان غائب ٿي ويو هو، پوليس جوابدارن جي موبائيل ڊيٽا جي مدد سان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پوليس موجب قتل کانپوءِ ڊي وي آر به موقعي تان غائب ٿي ويو جيڪو هٿ ڪيو ويو آهي. سي سي پي او ڪراچي عمران يعقوب منهاس صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گرفتار ٿيل ايم پي اي ڄام اويس کي پروٽوڪول نه پيو ڏنو وڃي، هو لاڪ اپ ۾ آهي،

CCPO Karachi Imran Yaqoob Minhas

. عدالت ۾ پيشي دوران کيس هٿڪڙيون نه لڳڻ تي به جاچ ڪئي پئي وڃي. ڪيس ميرٽ تي ڊيل پيا ڪريون ۽ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪنداسين.  ياد رهي ته مقتول ناطم جي ڀاءُ افضل چيو هو ته ناظم جوکيو کي پ پ ايم پي اي ڄام اويس جي مهمانن جي تلور جي غير قانوني شڪار جي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد 3 نومبر تي اغوا ڪري کيس مرڻ گهڙي تائين وحشياڻو تشدد ڪري قتل ڪيو ويو هو، ناظم جو لاش ڪراچي جي علائقي ملير جي ميمڻ ڳوٺ وٽان مليو هو. جناح اسپتال جي ميڊيڪو ليگل آفيسر ناظم جي سڄي جسم تي تشدد هئڻ، پاسيريون ڀڳل هئڻ ويهڪ ۽ پيشاب واري جاين تي سخت تشدد ڪرڻ جي تصديق ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو