جوهي تعلقي جا روڊ رستا کنڊر، مرمتي بجٽ هضم،عوام پريشان

ڊرگھ بالا(جي ايم لنڊ)روڊس کاتي دادو جي نااھلي جوھي تعلقي جا روڊ کنڊرات ۾ تبديل نااھل ڪرپٽ روڊس کاتي دادو جا عملدارن ڪرپشن جي بازار گرم ڪندي جوھي ۽ ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن جي مرمت جا آيل ڪروڙين روپيا ھڙپ ڪري ڇڏيا. ٿرڙي کان قصبو روڊ ۾ ناقص مٽيريل سبب مرمت ٿئي ھڪ مھينو گذرڻ کان روڊ اکڙڻ شروع ٿي ويو، جڏھن ته حاجي خان ڊرگھ بالا روڊ جي آيل روڊ جي مرمت به نه ٿي سگهي، ڊرگھ بالا حاجي خان روڊ موئن جي دڙي جو ڏيک ڏيڻ لڳو,روڊ جي وک وک تي وڏا کڏا ۽ جھاڪا پئجي وڃڻ ڪري ٽرانسپورٽر ڏچي ۾ لکن روپين جون قيمتي گاڏين جون انجڻيون ۽ ٽائر جلد ختم ٿي وڃن ٿا. رستن جي خراب حالت سبب حادثا پڻ روزمره جو معمول بڻجي ويا آهن. مختلف روڊس تي مقرر بيلدار پڻ گھر ويٺي پگھارون کڻي رهيا آهن. اليڪشن اڳ ڪروڙن روپين جي بجٽ باوجود صرف ٻه سو فٽ جيتري  چتي جي مرمت ڪري روڊس کاتي دادو جا عملدار ڪاغذي ڪاروائي ڪري پئسا ڦٻائي ويا. ھتان جي سياسي سماجي ۽عام شھرين چيف جسٽس سپريم ڪورٽ  چيف جسٽس ھاء ڪورٽ,نيب چئيرمين ۽ وزيراعلي سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي ته جوھي حاجي روڊ جي مرمت ۽ ٿرڙي کان قصبو روڊ جي مرمت جا ڪروڙن روپيا ڪرپشن ڪندڙ ٺيڪيدارن ۽ روڊس کاتي جي ڪيل ڪرپشن جي جانچ ڪرائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو