جونيئر پوليس آفيسرن لاءِ نوان ايس او پيز جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نان گزيٽيڊ پوليس آفيسرن جي مقررين بابت نوان ايس او پيز تيار، اي ايس آئيز ۽ ايس آئيز طور ترقيون ماڻيندڙ آفيسر جاچ شعبي ۾ 2 سال ڊيوٽي ڏيڻ جا پابند هوندا. ايڊيشنل آءِ جي عمران يعقوب منهاس طرفان جاري ڪيل حڪمنامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي يونٽ ۾ مقررآفيسر نين هدايتن تي عمل ڪرڻ جا پابند هوندا، اي ايس آءِ طور ترقي ماڻيندڙ آفيسر به جاچ شعبي ۾ 2 سال ڊيوٽي ڏيندا، اپر ڪورس ڪري ايندڙ سب انسپيڪٽر به جاچ شعبي ۾ 2 سال رهندا ۽ جن آفيسرن ايس ايڇ او طور مقرري لاءِ امتحان پاس ڪيو ۽ ايس ايڇ اوز طور مقرر آهن، اهي هن پابندي کان آجا هوندا. حڪمنامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن مقرريون لازمي هجن ته ڊي آءِ جي ايڊيشنل آءِ جي کان اجازت وٺندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو