جونيئر ججن جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري خلاف احتجاج

نوشھرو فيروز (ن سنڌيار)چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ صاحب کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ايليويٽ نہ ڪرڻ خلاف وائس آف سنڌ لائيرس فورم جي سڏ تي سمورن وڪيلن سيشن ڪورٽ آڏو ڌرڻو ھنيو. جنھن جي اڳواڻي سينيئر قانوندان امر امتياز! شير محمد اڄڻ ، ابرار حسين چانڊيو، مختيار حسين تنيو، محمد سليم ڏاھري، مشتاق احمد لنڊ، فقير الطاف حسين ھيسباڻي ڪئي جڏھن ته ضلعي نوشھروفيروز جي G. M عباسي پينل جي اڳواڻ عبدالرحيم عباسي، محمدي اياز مري ۽ ۽ ٻين وڪيلن پڻ خصوصي شرڪت ڪئي، جن چيو ته سنڌي ججن سان تحصباڻو رويو قبول نه ڪيو ويندو، ۽ ھر حال ۾ جسٽس احمد علي شيخ کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ حق ڏياريو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو