جوا جي آڪڙا پرچي هلائيندڙ جوابدار گرفتار

اوٻاوڙو(غلام علي رند) مريدشاخ شھر ۽ آس پاس ۾ آڪڙا پرچي جو مک ڊيلر ۽ سوين گھر اڄاڙيندڙ معشوق علي ميراڻي کي کنڀڙا پوليس سڳ سوڌو گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. اڳوڻي ايس ايس پي فرخ لنجار جي دور ۾ سندس خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿي هئي ۽ ملزم پوليس جي مدد سان ڪاروبار ڪندو هو. نئون ايس ايس پي عمر طفيل مقرر ٿيندي ئي آڪڙا پرچي جي ڊيلرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو جنهن تي پوليس ڪاروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ملزم علائقي جي سوين نوجوانن کي جوا تي لڳائي سندن گهر تباهه ڪري ڇڏيا هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو