جهڏو ۽ سانگهڙ ۾ ديرن کي باهه 600 مڻ ڪڻڪ رک

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ٽن مختلف جاين تان باهه جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن. جن ۾ جهڏو ۽ سانگهڙ ۾ ڪڻڪ جي ديرن کي باهه لڳڻ سبب 600 مڻ ڪڻڪ سڙي وئي. جڏهن ته سانگهڙ ۾ ڀيل برادري جي گهرن کي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳڻ سبب سندن سڀ ڪجهه سڙي رک ٿي ويو آهي. ***ميرپورخاص مان بشير شاهه موجب جهڏو ويجهو ڳوٺ منير آباد ۾ زميندار عبدالمجيد واهلا جي کري ۾ پيل ڪڻڪ جي ديري کي باهه لڳڻ سبب 400 مڻ ڪڻڪ سڙي رک ٿي وئي.

متاثر ڌر پاران کوجي ڪتن ذريعي باھ لڳائيندڙ جوابدارن جا پيرا کنيا ويا جيڪو ڀر واري ڳوٺ ۾ ملي برادري جي گهرن ۾ پيا پيرا پوڻ بعد ٻنهي ڌرين جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو لٺيون ڪهاڙيون لڳڻ سبب واهلا برادري جا فوجي عبدالمجيد، عبدالحميد، علي اڪبر سميت چار ڄڻا جڏهن ته الزام هيٺ آيل ملي برادري جا ذيشان، الطاف، رضوان، عمران، ۽ هڪ عورت ثمينا سميت 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا اطلاع تي جهڏو  پوليس پهچي زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي تي اڳرائي جو الزام هنيو ويو آهي ملي برادري جي زخمي نوجوان ٻڌايو ته اسان جو واهلا برادري سان پراڻو زميني تڪرار هلندڙ آهي هنن اڳ به اسان تي ڪوڙا الزام هڻي ڪيس داخل ڪرايا آهن واهلا برادري جي آصف واهلا چيو ته ملي برادري جي ماڻھن پهرين اسان جي ڪڻڪ کي باهه ڏني ۽ جڏهن پيرا هنن جي گهر تي ويا ته هنن اسان تي حملو ڪري اسان جا ماڻهو زخمي ڪيا آهن ھوڏانھن جهيڙي بعد ايس ايس پي ميرپورخاص جهڏو پهچي ويو ۽ ڊگهڙي،  ٽنڊو جان محمد،  نئون ڪوٽ جي پوليس نفري کي به طلب ڪيو پوليس ٻنهي ڌرين جا چار ماڻهو سرفراز واهلا، نور احمد واهلا، صفدر ملي، عطا محمد ملي کي گرفتار ڪيا آهن. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.*** سانگهڙ مان نادر بڙدي موجب سلطان ڪوٽ ۾ زميندار فاروق بلوچ  جي ڪڻڪ جي ديري کي نامعلوم  ماڻهن باهه ڏني زميندار موجب منهجي ٻه سو مڻ ڪڻڪ سڙي وئي آهي اطلاع تي پوليس پهچي شڪ جي بنياد تي هڪ ڄڻو گرفتار ڪري ورتو*** سانگهڙ ۾ هڪ ٻئي واقعي ۾ ڳوٺ شاھ سڪندر آباد ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان اچانڪ باھ لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڀيل برادري جي پنجن گهرن کي باھ وڪوڙي وئي ڏسندي ئي ڏسندي جمعو ڀيل، ڏيو ڀيل، ميوو ڀيل ۽ ٻين جا گهر، اناج سميت سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو متاثر خاندان کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو