جهيڙو نٿا چاهيون ، قبضو خالي ڪرايو وڃي، مرتضيٰ جتوئي

نوشھرو فيروز  (رپورٽ منظور ملڪ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته پوليس جي مدد سان شاهاڻين اسانجي ٻني تي قبضو ڪيو آهي، بنگلي تي حملو ڪيو آهي ۽ لانڍين تي به قبضو ڪيو آهي. مون سنڌ جي گورنر ۽ ڊي جي رينجرز کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته صبضو خالي ڪرايو نه ته ٻئي صورت ۾ رتو ڇاڻ جي ذميواري سنڌ حڪومت تي هوندي. نيو جتوئي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسين قبائلي جھيڙو نه ٿا چاھيون، شاھاڻين سان خانداني واسطا آهن، جتوئي قبضو خالي ڪرائي سگهن ٿا پر مون کين روڪيو آهي. هن چيو ته شاهاڻين اسانجو فصل ڀيلايو آهي. ڪمند ۾ مال ڇڏيو آهي، اسانجا ڍور به ڪاهي ويا آهن.  اسان امن پسند آھيون، پوليس مڪمل ڌر بڻجي نقصان ڪرائي رھي آھي. اسين هر فيصلي لاءِ تيار آهيون. ڪڏهن کن سنڌ جي گورنر اسان وٽ دورو ڪيو ته ان بعد سنڌ پوليس دشمن بڻجي وئي آهي. هن چيو ته اسانجي ڪجهه ماڻهن دفاعي فائرنگ ڪئي پر مون کين روڪيو ۽ پوليس جي چوڻ تي پنهنجي ماڻهن کي موٽايو آهي. اسين ٻني، بنگلو پوليس حوالي ڪئي ان بعد قبضو ٿيو آهي.  اسانجو سولرسيسٽم به  چوري ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته جتوئي سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪپ تي آباد آهن ۽ ڪچي جي زمين ساڄي ڪپ تي دادو ضلعي ۾ آهي جنهن تي شاهاڻي برادري قبضو ڪيو آهي. ڪيٽي جتوئي ۾ ٻيلي کاتي جي زمين به آهي ۽ ٻيلي کاتي وارن سڄي سنڌ ۾ قبصا خالي ڪرايا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو