جهيڙن جي 2 واقعن ۾ پيءُ پٽ سميت 3 فوت 13 زخمي

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ)بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ باھو سبزوئي ۽ ملھير ۾ ٻن ڌارڌار واقعن ۾ ٽي ماڻھو قتل 13 ڄڻان زخمي ٿي پيا۔ڳوٺ باھوسبزوئي ۾ سبزوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ رستي جي لنگهه واري معاملي تان جھيڙو ٿي پيو جنھنجي نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جا 6 ماڻھون زخمي ٿي پيا ۽ پوليس بروقت جاء واردات تي پھچي جھڙيندڙ ڌرين کي گرفتار ڪري زخمين کي فوري علاج لاءِ ڪنڌڪوٽ اسپتال آندو. جڏھن ته ٻئي واقعي ۾ ڳوٺ جھان خان ڀنگوار ملھير ۾ زمين جي معاملي تان ڀنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي جي دوران ۾ گولين۔لٺين ۽ ڪھاڙين جو استمال ڪيو ويو جنھنجي نتيجي ۾ ٽي ڄڻان نظير ، رئوف ۽ شبير ڀنگوار مارجي ويا. مارجي ويلن ۾ نظير ۽ رئوف ڀنگوار پيءُ پٽ  ٻڌايا پيا وڃن. جڏھن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. سي سيڪشن پوليس اطلاع ملڻ شرط جھيڙي واري ھنڌ پھچي ڌرين تي ڪنٽرول ڪرڻ بعد لاش ۽ زخمين کي اسپتال آندو . جن مان ٽن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اماڻيو ويو.ڀنگوار برادري ۾ ڪاوڙ جي لھر ۽ وڌيڪ جھيڙي جي خدشن کي سامھون رکندي وڏي تعداد ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي۔جڏھن ته فوتي پيءُ ۽ پٽ جالاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد ڳوٺ پھچڻ تي قھرام مچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو