جهنڊو لاهڻ واري ڪيس مان جسقم اڳواڻ باعزت بري

نوابشاھه(رپورٽ: اي ڪي ڏاھري)پاڪستاني جهنڊو لاهڻ جي الزام ۾ داخل ڪيل ڪيس مان جسقم اڳواڻن کي عدالت باعزت بري ڪري ڇڏيو. گذريل سال پھرين ڊسمبر تي ثقافتي ڏھاڙي جي ريلي دوران پوليس پاران اي سيڪشن ٿاڻي تي پاڪستان جو جھنڊو لاھڻ جي الزام ۾ جسقم جي ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي، سرفراز ميمڻ، ھاشم لغاري، انور چانڊيو، منير ابڙو، راشد چانڊيو، ارشد جمالي، الطاف رستماڻي، سچل ملاح، اعجاز گولو، غلام حسين ڏاھري، نور محمد سولنگي، عرفان ابڙو ۽ گل ڏاھري تي داخل ڪيس مان دھشتگردي ٽوڙ عدالت نوابشاھه 14 قوم پرست ڪارڪنن کي ڏوھه ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ جسقم جي ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي چيو ته رياست پاران اسان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو جيڪو اڄ ڪوڙو ثابت ٿيو، ھن چيو ته اسان کي رياست جا ڪوڙا ڪيس جھڪائي نٿا سگھن، اسان سنڌ ڌرتي تي ڪڏھن به سوديبازي نه ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو