جهانپور جي ميلي تان موٽندڙ فوجي سميت 4 ڄڻا اغوا

سرحد (رپورٽ غلام عباس مهر) صوفي بزرگ انور علي شاهه جي ميلي تان واپس گهر موٽندي معصوم نينگر سميت 4 ڄڻا مبينا طور اغوا,وارثن ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي.ڳوٺ ڊرنگ ملوڪ واري جا رهواسي چار ڳوٺاڻا جاويد احمد ميربحر سندس 7 سالن جو معصوم پٽ مقداد علي ميربحر,شهزاد احمد ميربحر,قربان علي ميربحر درگاه جهانپور شريف تي ميلو گمهڻ آيا ته واپسي تي ڳوٺ ڊرنگ ملوڪ واري ويندي رستي مان مبينا طور اغوا ٿي ويا ان حوالي سان اغوا ڄاڻايل مغوين جي وارثن علي بخش ميربحر ۽ ٻين سرحد ٿاڻي تي پهچي پوليس کي ٻڌايو ته هنن جا 4 ڄڻا ميلي تان اغوا ٿي ويا آهن جن جا فون نمبر به بند ملي رهيا آهن اغوا ٿيل مغوين مان هڪ مغوي جاويد احمد فوجي جوان آهي جيڪو اڄ موڪل پوري ٿيڻ بعد ڊيوٽي تي واپس وڃي ها پر اهو به اغوا ٿي ويو آھي مغوين جي وارثن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسين پنهنجي حساب سان ڳولها ڪئي آهي ليڪن انهن جو ڪٿي به پتو نه پئجي سگھيو آهي وارثن پاران مغوين کي خيريت سان آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سرحد بهار الدين ڪيريو صحافين کي ٻڌايو ته مغوين جا موبائيل نمبر ٽريس ڪري رهيا آهيون جلد خبر پئجي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو