جنگ گروپ جو پبلشر مير جاويد الرحمان فوت ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جنگ گروپ جو ايڊيٽر انچيف مير جاويد الرحمان ڳچ عرصي تائين بيمار رهڻ بعد وفات ڪري ويو. کيس ڦڦڙن جو ڪينسر هو. هو جنگ گروپ جي باني مير خليل الرحمان جو وڏو پٽ هو. سندس ننڍو ڀاءُ مير شڪيل الرحمان هن وقت نيب جي قيد ۾ آهي ۽ هن گذريل ڏينهن پنهنجي ڀاءُ جي عيادت لاءِ درخواست ڏني هئي. انساني حقن واري وزير شيري مزاري ان ڏس ۾ چيئرمين نيب کي خط به لکيو هو جنهن بعد کيس 48 ڪلاڪن لاءِ نيب جي حراست ۾ ڀاءُ سان ملڻ جي اجازت ملي هئي پر ملاقات نه ٿي سگهي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو