جنوري ۾ عوامي حڪومت قائم ٿيندي، بلاول

اسڪردو(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت 2021ع ۾ ختم ٿي ويندي ۽ عوامي حڪومت قائم ٿيندي. اهڙو اظهار هن اسڪردو بازار ۾ هڪ تمام وڏي چونڊ مهم جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. جلسي ۾ قمر الزمان  ڪائره، مهدي  شاهه ۽ پيپلزپارٽي جي مقامي قيادت موجود هئي. ان موقعي تي هن محسن نقوي جو نظم يا الله يا رسول بينظير بي قصور به پڙهيو ۽ چيو ته ظالمن اسان کان شهيد ذوالفقار علي، شهيد شاهنوا ڀٽو، شهيد مرتضى ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو کسي ورتا پر مان اڄ به گلگت ۽ اسڪردو جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ويو آهيان پر هو مون زندهه نظر اچي رهيا آهن. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو گلگت بلتستان مان ايف سي آر جو قانون ختم ڪيو ۽ شهيد محترمه جمهوريت متعارف ڪرائي، صدر زرداري پهرين اسيمبلي ڏني. هن چيو ته پيپلزپارٽي واحد جماعت آهي جيڪا گلگت بلتستان جي حقن لاءِ مسلسل ڪوشش ڪندي رهي آهي. هن مطالبو ڪيو ته گلگت بلتستان جي ترقياتي بجيٽ ۾ واڌارو ڪيو وڃي. هن چيو ته شهيد ڀٽو پهريون ليڊر هو جنهن شاهراهه قراقرم تعمير ڪرائي هن پٺ تي پيل علائقي کي سڄي ملڪ سان ڳنڍي ڇڏيو هو. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ پيپلزپارٽي جي پوئين حڪومت 25 هزار نوجوانن کي روزگار ڏنو پر عمران خان جي ظالم حڪومت کاڌي پيتي جي شين ۽ دوائن ۾ 400 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. هن چيو ته اسان گلگت جي ايندڙ چونڊن ۾ ڪٽپتلي پارٽي کي شڪست ڏئي اليڪشن کٽينداسين. ان موقعي تي ناگا پربت سياري جي موسم ۾ پار ڪري عالمي رڪارڊ ٺاهيندڙ محمد علي سدپاره به ملاقات ڪئي. هن بلاول ڀٽو کي هڪ اوزار آئيس ايڪس جو هڪ تحفو پيش ڪيو. بلاول ڀٽو سدپاره ۽ سندس ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو