جنوري ۾ حڪومت جي خاتمي لاءِ اسلام آباد هلبو، بلاول

گلگت(ويب ديسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته جنوري ۾ اسلام آباد پهچي رهيا آهيون، ڪٺ پُتلي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪنداسين. گلگت ۾ چونڊ مهم دوران جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام جو مطالبو رهيو آهي ته کين صوبو ڏنو وڃي، هاڻي نيشنل سيڪيورٽي جا دارا به عوام جي پيج تي اچي ويا آهن، اشارن تي هلندڙ پارٽيز به چون ٿيون ته گلگت بلتستان جي عوام کي صوبو ملڻ گهرجي، بلاول ڀٽو چيو ته 15 نومبر تي اسان جي تحريڪ جو امتحان آهي، گلگت بلتستان جو عوام پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏئي ڪامياب بڻائي ته جيئن سندن حقن لاءِ جدوجهد کي ڪامياب بڻايو. هن چيو ته ٻڌو آهي ته هڪ وفاقي وزير پيسن تي ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ گلگت اچي ويو آهي، اوهان پئسا هن کان وٺو ووٽ پي پي کي ڏيو جيئن اوهانجي قسمت بدلائي سگهون. اسانجو نعرو آهي ته بينظير ايندي ته روزگار آڻيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو