جنهن استعيفيٰ گهري ته ان کي برطرف ڪندس،عمران خان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوازشريف ڀارت جي مدد سان انتهائي خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي. فوج نه هجي ها ته ملڪ ٽي ٽڪر ٿي وڃي ها. جنهن اداري جي جتي ضرورت پوندي ان کان ڪم وٺندس، فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن. عمران خان چيو آهي ته گلگت بابت آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا منهنجي اجازت سان اپوزيشن اڳواڻن سان ملاقات ڪئي هئي. اهڙو اظهار هن سما ٽي وي جي نديم ملڪ کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته نواز شريف چوي ٿو ته هن کان تڏهوڪي آءِ ايس آءِ سربراهه ليفٽيننٽ جنرل ظهير الاسلام کائنس استعيفي ٰ گهري هئي، جيڪڏهن هن گهري هئي ته ٽيڪ آن ڪرين ها، جڏهن کانئس پڇو ويو ته اوهان کان جيڪڏهن آءِ ايس آءِ جو چيف يا آرمي چيف استعيفيٰ گهري ته ڇا ڪندا، مان کيس برطرف ڪري ڇڏيندس، ڪنهن ۾ جرئت آهي مونکان استعيفيٰ گهرڻ جي، مان چونڊيل وزيراعظم آهيان. وزيراعظم چيو ته اپوزيشن کي احتجاج ڪرڻ جو حق آهي پر جيڪڏهن قانون ٽوڙيندا ته جيل ۾ هوندا. هن چيو ته جنرل راحيل چيو هو ته ڌرڻو ختم ڪريو مون انڪار ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف کي فوج پاليو ۽ ليڊر بنايو، چوپڻِي کان وٺي اڳتي آندو. نواز ٻيو الطاف حسين بڻجي ويو آهي، هن جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو