جنسي تعلق نه رکڻ تي ٻارن تي تيزاب اڇلائيندڙ مولوي گرفتار

صادق آباد (ويب ڊيسڪ) ٻارن کي قرآن پاڪ پڙهائيندڙ مولوي اسامه جنسي تعلق نه رکڻ تي بارن تي تيزاب اڇلائي ڇڏيو. ٻارن جي والدين جي شڪايت تي پوليس مولوي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. حق ٽائون جي مدعي رياض حسين جو چوڻ آهي ته هو سندس 14 سالن جي پٽ حسنين علي ۽ پاڙي جي ٻين ٻارن کي مولوي اسامه قرآن پڙهائيندو هو ۽ هن ٻارن کي جنسي تعلق رکڻ لاءِ زور ڀريو. ٻارن پنهنجي والدين کي ڳالهه ڪئي جن ٻارن کي مولوي ڏانهن موڪلڻ بند ڪيو. جنهن بعد مولوي کين قرآن پڙهن لاءِ ضد ڪيو پر انڪار تي اڱاري تي هن گهر ڀر ۾ راند کيڏندڙ ٻارن تي چاقو سان حملي جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻار ڀڄڻ لڳا ته هن تيزاب مٿن اڇلايو. ٻارن کي تعلقه اسپتال ۾ طبي امداد ڏني وئي ۽ سندن حالت خطري کان ٻاهر آهي. جڏهن ته پوليس مولوي کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو