جمشيد دستي گرفتار، موسيٰ گيلاني جا گرفتاري وارنٽ جاري

ملتان (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر جمشيد دستي کي آئل ٽينڪر جي عملي کي اغوا ۽ تيل چوري ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿي ويو آهي. جمشيد دستي ڪيس ۾ ضمانت لاءِ هاءِ ڪورٽ وڃي رهيو هو ته ملتان پوليس هاءِ ڪورٽ ويجهو  ڪينٽ جي علائقي مان ان کي گرفتار ڪيو. ڪيس ملوث جمشيد دستي جي ساٿين کي ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ هاڻي ان کي به گرفتار ڪرڻ کان پوءِ مظفرڳڙهه منتقل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ جمشيد دستي جي 2 اڳوڻن گارڊن، پوليس اهلڪار ۽ 5 ساٿين کي نامزد ڪيو ويو هو. ياد رهي ته مظفر ڳڙهه جي چوڪ قريشي پوليس اڳوڻي اسيمبلي ميمبر جمشيد دستي ۽ ان جي ساٿين خلاف آئل ٽينڪر جي ڊرائيور ۽ هيلپر کي اغوا ڪرڻ ۽ لکين رپين جي ماليت جو تيل چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل هيو. پوليس ذريعن مطابق 24 ڊسمبر جي رات ڊيره غازي خان کان ملتان ويندڙ آئل ٽينڪر کي پوليس وين مظفرڳڙهه جي ويجهو روڪيو هو. ٽينڪر روڪڻ کان پوءِ ايليٽ فورس جي وردي ۾ ماڻهن ڊرائيور ۽ هيلپر سميت ٽينڪر کي نامعلوم جڳهه منتقل ڪري 40 لک رپين جي ماليت جو تيل ٻئي ٽينڪر ۾ منتقل ڪيو هو. جڏهن ته ڊرائيور ۽ هيلپر کي 2 ڏينهن تائين حراست ۾ رکي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو هو. واقعي جي ٽن ڏينهن بعد آئل ٽينڪر جي مالڪ ڊرائيور سان گڏ ضلعي پوليس جي آفيسر نديم عباس وٽ پهچي ان واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو هو. تحقيقات دوران شڪي ماڻهن پوليس کي ٻڌايو ته اڳوڻي قومي اسيمبلي جو ميمبر جمشيد دستي ۽ ان جي ساٿين ان جرم ۾ ملوث آهن. ٻئي طرف ايفي ڊرين ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي موسيٰ گلاني جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. اطلاع مطابق انسداد منشيات جي عدالت ملزم جي غير حاضري تي وارنٽ جاري ڪندي شريڪ ملزم ملڪ زنير جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. ڊيوٽي جج واجد علي ٻنهي ملزمن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن.  

پهنجو تبصرو موڪليو