جمال شاهه جو عرس، گلن جي چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح

مورو (اياز سولنگي) بزرگ هستي حضرت جمال شاھ جو ساليانو ميلو اڄ کان شروع ٿي ويو آهي درگاھ جي گادي نشين فقير نديم ماڇي، فهيم ماڇي، سنڌ سولنگي ويلفيئر تعلقي مورو جي صدر وڏيرو علي اصغر سولنگي جي اڳواڻي ۾ مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪيو. ميلي ۾ مختلف قسمن جا دڪان، چڙيا گهر، موت جو کوھ، سرڪس سميت ٻارڙن جا جهولا لڳايا ويا آهن ميلي ۾ ڀلن گهورڙن، اٺن ۽ ڏاندن جا مقابلا ڪرايا ويندا جڏهن ته ملھ ۽ ڪٻٽي جي راندين جو پروگرام پڻ رکيو ويو آهي درگاھ کي گلن ۽ رنگين بتين سان سينگاريو ويو آهي، ميلي ۾ مورو سميت آسپاس جي شهرن ۽ ٻهراڙي جي عوام جنهن ۾ نوشهرو فيروز، شاهپور جهانيان، دادو، نوان جتوئي، قمرآباد، سونهري فارم، ڪانڌڙا ڪالوني، مناهين، ڏيپارجه، گچيرو، سميت ٻين علائقن جا شوقين ميلو ڏسڻ لاءِ اچي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ ميلي جي سرپرست اعليٰ وڏيرو علي اصغر سولنگي، وڏيرو محمد ياسين سولنگي چيو ته هي ميلو سائين حضرت جمال شاھ جو هر سال لڳايو ويندو آهي هن ميلي لڳائڻ سان هتان جي عوام کي تفريح جو موقعو ملندو آهي جيڪي پري پري کان اچي هتي ميلو گهمڻ بعد مٺايون کائي پاڻ ۾ ملندي خوشي محسوس ڪندا آهن. ميلي ۾ اتر لاڙ سميت سنڌ جا مشهور پهلوان حصو وٺي رهيا آهن. ميلي ۾ انتظاميه جو مڪمل سهڪار آهي ۽ چوڌاري پوليس چونڪيون قائم ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو