جماعت اسلامي پاران ناظم جي قتل خلاف احتجاج جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ مليرميمڻ ڳوٺ ۾ پيپلزپارٽي جي مقامي ايم پي اي جي ڇاڙتن پاران نوجوان ناظم جوکيو کي بدترين تشدد ذريعي قتل ڪرڻ واري واقعي جي شديد مذمت ڪندي اعلى عدليه کي اپيل ڪئي آهي ته واقعي جو ازخود نوٽيس وٺي متاثر ڌُر کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، پيپلزپارٽي ان واقعي تي پنهنجي پوزيشن واضح ڪري. جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ جاري بيان ۾ چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جا وڏيرا اقتدار جي طاقت جي نشي ۾ مست ٿي ڪري عوام جي جان ۽ مال سان کلواڙ ڪري رهيا آهن، تيرنهن سالن جي اقتدار ۾ عوام کي ڊليور ڪرڻ ته ٺهيو، پر هاڻ مقامي ايم پي اي جي فرعونيت جو شڪار ٿيندڙ نوجوان جي خاندان کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جماعت اسلامي هر فورم تي ڀرپور احتجاج ڪندي، ان سلسلي ۾ جماعت اسلامي يوٿ پاران جمعي تي حيدرآباد، سکر، ڪشمور ۽ ٺٽو ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، هوڏانهن جماعت اسلامي يوٿ جي نائب صدر امتياز پالاري جي قيادت ۾ هڪ وفد ميمڻ ڳوٺ پهچي متاثر خاندان سان يڪجهتي جو اظهار ۽ انصاف ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. ڪاشف سيعد شيخ وڌيڪ چيو ته سنڌ پوليس عوام جي جان مال جو تحفظ ڪرڻ بدران پيپلزپارٽي جي ڀوتارن جي ونگار وهي رهي آهي ۽ مظلوم ماڻهو انصاف لاءِ دربدر ٿي رهيا آهن، جماعت اسلامي مطالبو ڪري ٿي ته ان ظالماڻي واقعي جو ازخود نوٽيس وٺي في الفور مقتول ناظم جوکيو پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان جي روشني ۾ مقامي ايم پي اي ڄام اويس جوکيو، ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ سندن ڇاڙتن خلاف قتل جو مقدمو درج ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ جماعت اسلامي ٻين سياسي جماعتن سان گڏجي انصاف لاءِ هر فورم تي زبردست احتجاج ڪندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو