جلوس تي فائرنگ ۾ مارجي ويلن لاءِ لبنان ۾ اڄ سوڳ ملهايو پيووڃي

بيروت(ويب ڊيسڪ) لبنان ۾ گذريل ڏينهن جلوس تي فائرنگ ۾ مارجي وي 6 ڄڻن جي قتل خلاف اڄ جمعي تي سوڳ ملهايو پيو وڃي. شيعن جي تنظيم حزب الله جي سڏ تي گذريل ڏينهن جلوس ڪڍيو ويو جنهن تي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪئي هئي. تنظيم جو خيال آهي ته عدالت ٻاهران جلوس تي ڪرسچن حملو ڪيو ۽ ڇت تان فائرنگ ٿي. ڪرسچن تنظيم ان جي ترديد ڪئي آهي. حزب الله گذريل سال آگسٽ ۾ بندرگاهه لڳ ٿيل ڌماڪي جي جاچ ڪندڙ جج خلاف احتجاج ڪري رهي آهي ۽ سندن دعويٰ آهي ته جج متعصب آهي. واقعي ۾ مارجي ويل 219 ڄڻڻ جا پونئر جج جي جاچ مان مطمئن آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو