جلد محترمه جي وصيت بابت حقيقت سامهون آڻبي، زيدي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو جي وصيت مشڪوڪ آهي. مون پ پ وارن کي چيو هو ته وصيت ڏيکاريو پر هنن نه ڏيکاري، ايندڙ مهيني وصعيت جي حوالي سان به حقيقتون سامهون آڻيندس. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ٽن ڪلاڪن جي برسات جيڪا تباهي آندي، اسان سڀني ڏٺي. هن چيو ته شاھين گرائونڊ گذريل سال ھتان جي ماڻھن لاءِ ٺھرايو ويو ھو، اسان ھن گرائونڊ جي صفائي ڪرائي پر پي پي حڪومت ھتي گند اڇلرايو. هن چيو ته پاڙيسرين گند اڇلائڻ کان منع ڪئي ته سعيد غني انھن کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو. علي زيدي چيو ته وزيراعظم پاڪستان فوج، ايف ڊبليو او ۽ ٻين کي ھدايتون ڪيون آھن ته اھي سمورو ڪراچي صاف ڪري ڏين. هن سعيد غني مٿان تنقيد ڪندي چيو ته سعيد غني کي سياست جي خبر ئي ناھي، هن کي ته پنھنجي دفتر جي به خبر ناھي، هو هوا ۾ ڳالهيون ڪندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو