جلال پاران پوليس آپريشن روڪڻ جي اپيل،ايس پي شڪارپور فارغ

خانپور(زبير گل) ڌاڙيلن وٽ مغوي بڻيل مشهورفنڪار جگر جلال پوليس کي اپيل ڪئي آهي ته ڪچي ۾ آپريشن روڪيو وڃي، ڌاڙيلن کين اهڙي جاءِ تي رکيو آهي، جتي پوليس ته ڇا پر فوج به نٿي پهچي سگهي. ڌاڙيلن وٽ مغوي بڻيل جگر جلال ڪي ٽي اين سکر جي بيورو چيف جان محمد مهر سان نامعلوم هنڌ تان فون تي ڳالهائيندي ٻڌايو ته هو ڌاڙيلن جي محفل ۾ ڳائڻ لاءِ ڪونه پئي ويو پر ڪنهن ٻي محفل ۾ ڳائڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي تان ئي ڌاڙيل ساٿين سوڌو کيس کنڀي ويا. لوڪ فنڪار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وزيراعظم عمران خان کان ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پوليس آپريشن بند ڪري، نه ته کين ڌاڙيل نقصان رسائيندا. واضح رهي ته خانپور ڀرسان ڌاڙيل جگر جلال، سندس پُٽ، ڀاءُ ۽ ٻن سازندن کي اغوا ڪيو ويوهو، جگر جلال سوڌو ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس گذريل ڏينهن ڪچي جي علائقي ۾ تيغاڻين خلاف آپريشن ڪيو، جنهن دوران ڊي ايس پي رائو شفيع الله شهيد ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو هو. ايس ايس پي شڪارپور کي جبري موڪل تي روانو ڪيو ويو آهي، چارج ايس ايس پي جيڪب آباد ٻشير احمد بروهي کي ڏني وئي آهي. پوليس آفيسر شهيد ٿيل ڊي ايس پي جي تدفين ۾ مصروف هئا جنهن بعد ڌاڙيلن خلاف آپريشن بابت حڪمت عملي ترتيب ڏني ويندي. ذريعن موجب آپريشن جو انچارج ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش حوالي ڪرڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو