جلال ورچوئل ميلو، سنڌ جي لوڪ فنڪار کي زبردست ڀيٽا پيش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌي موسيقي ۾ پنهنجو مختلف انداز رکندڙ  لوڪ گلوڪار جلال چانڊيو کي سنڌ جي ماڻهن ٽيڪنالاجي جو فائدو وٺندي ٽوئٽر تي نئين انداز ۾ ڀيٽا پڇيش ڪئي وئي. يڪتاري چپڙي جي بي تاج بادشاهه جلال چانڊئي جي 21هين ورسي تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي سنڌي نوجوانن پاران ورچوئل ميلو لڳايو ويو. اهو ڪنهن به فنڪار کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پهريون ورچوئل ميلو آهي، جيڪو 10 ڏينهن کان جاري رهيو، اڄ انهي ميلي جي آخري ڌمال ٽوئٽر تي ملهائي وئي‘#جلال_ميلو’ جي هيش ٽيگ سان منعقد ٿيندڙ انهي ميلي جو اهتمام ورلڊ آف جپسيز نالي ٽوئٽر هينڊل تان ڪيو ويو،

جنهن ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ هزارين سنڌين حصو ورتو. ميلي ۾ نه رڳو جلال چانڊئي جا مقبول ڪلام نشر ڪيا ويا پر زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ فنڪارن پاران کيس ڀيٽا پڻ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته جلال جي فن ۽ شخصيت جي باري ۾ پڻ آگاهي ڏني وئي. جپسي نالي ٽوئٽر يوزر جو چوڻ هو ته هي دور ڊجيٽل ايج جو دور آهي، ان ڪري اسان سوچيو ته ڇونه ٽوئٽر تي جلال چانڊئي جي ياد ۾ جلال ميلو منعقد ڪري هڪ نئين روايت قائم ڪجي. اسانکي هن ميلي ۾ ڀرپور موٽ ملي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ سنڌ جي هيرن کي هن جديد طريقي سان ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ميلا منعقد ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو