جلال شاهه جي والدهه مٽيءَ ماءَ حوالي، تعزيت جاري

مانجهند )مهراڻ عمراڻي(برک سماج سڌارڪ اڳوڻي سنڌ اسيمبلي ميمبر  مرحوم سيد امداد محمد شاه جي گهرواري ايس يو پي سربراه سيد جلال محمود شاه سيد ضياء شاه سيد زين شاه جي امڙ ۽ ن ليگ سنڌ جي صدر سيد شاه محمد شاه جي ڀيڻ جي مڙھ جي جنازي نماز سن ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار جي سيراندي کان گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي.

Photo Sindhyar

جنهن ۾ روشن علي ٻرڙو ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سيد غلام شاه اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو ملڪ چنگيز خان ايم اين اي غلام مصطفي شاه اسلم خيرپوري رسول بخش ٿيٻو منير حيدر شاه سيد زمان شاه، دودو ديشي ديدار شام خدا بخش ٿيٻو  سميت سياسي سماجي اڳواڻن ڪارڪنن راڄن جي چڱڻ مڙسن سميت هزارين ماڻھن شرڪت ڪئي جنهن بعد مڙھ جي شاه حيدر سنائي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي جڏهن ته سوڳ ۾ سن شھر ٻئي ڏينهن به بند رهيو،  سيد خاندان سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو