فنڪارجي بازيابي لاءِ آپريشن ڊي ايس پي شهيد،3 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

خانپور(زبير گل) شڪارپور پوليس ڪچي ۾ آپريشن دوران ٽن ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. اي ايس پي سٽي شڪارپور امجد فاروق بٽر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه تيغاڻين جگر جلال کي گهرائي ڳڙهي تيغو ۾ يرغمال بڻايو، جنهن جي بازيابي لاءِ سومر تي به آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران 8 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 2 ڌاڙيل زخمي ٿي پيا هئا. اي ايس پي سٽي چيو ته اڱاري تي ٻيهر آپريشن ڪيو ته ڊي ايس پي خانپور رائو شفيع الله شهيد ٿي ويو ۽ هڪ جوان زخمي ٿي پيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته آپريشن دوران پوليس جي فائرنگ ۾ 3 ڌاڙيل به مارجي ويا آهن، جن جا نالا صبح تائين سامهون اچي ويندا. باقي جگر جلال سميت اغوا ٿيل سمورن ماڻهن جي بازيابي تائين آپريشن جاري رهندو. ياد رهي ته مشهور فنڪار جگر جلال، سندس پٽ، ڀائٽيو ۽ ٻن سازندن جي بازيابي لاءِ شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڊي ايس پي خانپور رائو شفيع الله ۽ اهلڪار بابر شاهه سخت زخمي ٿيا، ٻنهي کي پهريان مقامي اسپتال پهچايو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کين سکر ريفر ڪيو پئي ويو ته ڊي ايس پي رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو. شهيد ڊي ايس پي جو مڙهه شڪارپور اسپتال پهچايو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي هئي پر رات ٿيڻ سبب آپريشن روڪيو ويو آهي اربع تي وري آپريشن ڪيو ويندو. شهيد ڊي ايس پي  زخمي ٿيڻ کان 20 منٽ اڳ صحافين کي فون ڪري مقابلي دوران فائرنگ جو آواز ٻڌرايو هو. شهيد ٿيل ڊي ايس پي سکر جو رهاڪو آهي سندس مڙهه سکر روانو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو