جعلي ٺيڪن جي الزام ۾ گرفتار ملزم رمانڊ تي جيل حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اينٽي ڪرپشن ڪورٽ غير قانوني ٺيڪن جاري ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪي ڊي اي جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر ظهير عباس کي 14 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت جاچ آفيسر کي ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. اينٽي ڪرپشن موجب ڄاڻايل جوابدار تي قومي خزاني کي 80 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي جوابدار ڳري رقم عيوض غير قانوني طور تي 80 ڪروڙ رپين جا ٺيڪا نجي ڪمپني کي جاري ڪيا. اينٽي ڪرپشن وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته جوابدر ڪي ايم سي ۾ هئڻ دوران ڪي ڊي اي جي اسڪيمن ۾ ترقياتي ڪمن جا ورڪ آرڊر جاري ڪندو هو، جوابدار پاران جيڪي ورڪ آرڊر جاري ڪيا ويا اهي اسڪيمن جي سالياني فهرست ۾ موجود ئي نه هئا ۽ انهن اسڪيمن جو ذڪر ڪي ڊي اي جي بجيٽ ۾ به نه هو. اينٽي ڪرپشن وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته غير قانوني جاري ٿيل ورڪ آرڊر تي موجوده جي ڊي، ڪي ڊي اي بدر جميل منڌرو جي صحيح هئي ڄاڻايل جوابدار کي سمورن غير قانوني ڪمن ۾ لوڪل گورنمينٽ جي سيڪريٽري جي سرپرستي حاصل هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو