جعلي سندون ٺاهڻ جي الزام ۾ تپيدار سڳ سوڌو گرفتار

ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي) ڳوٺ آباد جون جعلي سندون ٺاهڻ جي الزام ۾ تپيدار سڳ سميت اينٽي ڪرپشن ٽيم هٿان گرفتار عوامي شڪايتن تي اينٽي ڪرپشن جي ٽيم ڪارروائي ڪندي تپيدار آصف ڏيپر کي گرفتار ڪري ورتو. ملير ۾ مختلف علائقن ۾ رشوت عيوض خالي پيل زمينن جون ڪوڙيون سندون ٺاهي ڏيڻ جي الزام ۾ سرڪل آفيسر اسدﷲ شيخ ٻڌايو ته گرفتار جوابدار ڪيتري ئي عرصي کان مختلف ڳوٺاڻن کان رشوت عيوض جعلي سندون ٺاهي ڏيندو هو هنن وڌيڪ چيو ته هڪ ڳوٺاڻي جي شڪايت تي اڄ ڪاروائي ڪئي وئي آهي. گرفتاري وقت ورتل رشوت، 10000 روڪ رقم سوين جعلي سندون ۽ اهم بڪ پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، گرفتار تپيدار مٿان ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو