جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ زرداري ۽ فريال جي رمانڊ ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي جسماني رمانڊ ۾ 10 ڏينهن تائين واڌ ڪري ڇڏي. نيب اڳوڻي صدر آصف زرداري کي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو. جج محمد بشير ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران آصف زرداري جي وڪيل لطيف کوسه دليل ڏنا. جج محمد بشير ريمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدارجو عيد تائين رمانڊ نٿا ڏئي سگهون. هڪ ئي وقت ۾ وڌ ۾ وڌ 15 ڏينهن جو رمانڊ ٿي سگهي ٿو. عدالت آصف زرداري جو وڌيڪ 10 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس 8 آگسٽ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته آصف زرداري چيو ته عيد جون موڪلون آهن، ڀلي عيد کانپوءِ ئي پيشي رکو، جنهن تي لطيف کوسه چيو ته 19آگسٽ تائين رمانڊ تي ڏيو. نيب طرفان آصف زرداري جي ڀيڻ ۽ پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر کي به احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران جج محمد بشير پُڇيو ته ڇا رمانڊ ختم ڪريون؟ جنهن تي فريال ٽالپر وراڻيو مون کي ڪوبه اعتراض ناهي، جڏهن ته فريال ٽالپر جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته هڪ ئي ڏينهن پيشي ٿئي ته بهتر ٿيندو. عدالت فريال ٽالپر جي به جسماني رمانڊ ۾ 10 ڏينهن تائين واڌ ڪئي ۽ کيس به 8 آگسٽ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو