جعلي اڪائونٽ ڪيس 9 سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳو ڪبو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جعلي اڪائونٽ ۽ ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تاريخ 9 سيپٽمبر مقرر ڪئي وئي آهي،سمورن جوابدارن کي عدالت م حاضر ٿيڻ لاءِ چيو ويو آهي. ريفرنس جي ٻڌڻي اسلام آباد احتساب عدالت جو جج اعظم خان ڪندو. آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ 10 ٻين تي احتساب عدالت ۾ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس هلي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو