جعفري برادري جي ڌرين ۾ جهيڙو 3 فوت 2 زخمي

ڳڙھي ياسين(رپورٽ شفيق مهر)ڳوٺ دودو ڏيٿو ۾ جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي ۾ زخمي ٿيل نوجوان صدام جعفري لاڙڪاڻي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو جنهن بعد جهيڙي ۾ مري ويلن جو انگ 3 ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾  معمولي ڳالهه تان جهيڙو  ٿيو هو جنهن ۾ فائرنگ سبب عورت سميت 2 ڄڻا قتل ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. مينڌرو ۽ تجلو جعفري جي ڌرين ۾ گهرو معاملي تان جهيڙي سبب هٿياربندن  مينڌرو جعفري واري ڌر جي گهرن مٿان ڇتي فائرنگ ڪري ڏني هئي جنهن جي نتيجي ۾ گوليولڳڻ سبب مينڌرو جعفري واري ڌر جي عورت مسمات ستارا جعفري ، نوجوان ارسلان جعفري موقعي تي مارجي ويا هئا جڏهن ته صدام جعفري ،عارف جعفري ۽ فدا جعفري سخت زخمي ٿي پيا هئا. جن مان صدام اسپتال ۾ گذاري ويو. اطلاع تي ڳڙهي ياسين پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل عورت ۽ نوجوان سميت ٽنهي  زخمين کي ڳڙهي ياسين اسپتال اندو جتان مارجي ويلن جي لاشن جو  پوسٽ مارٽم  ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته ٽنهي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي  هئڻ سبب لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو ٻڌايو پيو وڃي ته  صبح سوير تجلو جعفري مينڌرو جعفري جي گهر پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ ويو ته مينڌري جعفري گهر ۾ داخل ٿيڻ کان منع ڪئي جنهن تي ٻنهي ڄڻن ۾ منهن ماري ۽ معمولي جهيڙو ٿي پيو جنهن بعد ڳوٺاڻن وچ ۾ پئي ٻنهي ڌرين جو جهيڙو ٽاري ڇڏيو جنهن بعد هڪ دفعو ٻيهر تجلو جعفري واري ڌر هٿياربند ٿي مينڌري جعفري جي گهرمٿان حملو ڪيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو