جسٽس گلزار احمد سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت جسٽس گلزار احمد جي بطور چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس گلزار احمد جي بطور چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ مقرري جو نوٽيفڪيشن وزارت قانون طرفان جاري ڪيو ويو آهي. ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس گلزار احمد جي بطور چيف جسٽس پاڪستان جي مقرري جي منظوري ڏني. پاڪستان جي صدر آئين جي آرٽيڪل 175 ۽ 177 تحت پنهنجا اختيار استعمال ڪندي جسٽس گلزار احمد جي تقرري جي منظوري ڏني. ياد رهي ته چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي ملازمت جو مدو 20 ڊسمبر تي ختم ٿي رهيو آهي. نئون چيف جسٽس 21 ڊسمبر 2019 تي چيف جسٽس پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻندو. جسٽس گلزار احمد ڪراچي ۾ ايڊوڪيٽ نور محمد جي گهر ۾ 2 فيبروري 1957 تي ڄائو، هن ايس ايم لا ڪالج ڪراچي مان ايل ايل بي ڪئي ۽ ا986 ۾ وڪيل بڻيو. سول ۽ ڪارپوريٽ سائيڊ تي گهڻي پريڪٽس ڪيائين. 27 آگسٽ 2002 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج بڻيو ۽ 16 نومبر 2011 تي سپريم ڪورٽ جو جج بڻيو. هو 2 فيبروري 2022 تائين سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو