جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي وري ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ قاضي جسٽس عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس ۽ ٻين درخواستن جي ٻڌڻي نئين تاريخ جي اعلان تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني بينچ 30 مارچ تي ٻڌڻي مقرر ڪئي هئي. عدالت چيو آهي ته نئين تاريخ جو اعلان بعد م ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن چيو آهي ته ڪورونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون واري صورتحال سبب 21 اپريل تائين ڪيسن جي ٻڌڻي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عدالت سپريم ڪورٽ بار جي درخواست تي اپيلن ۽ نظر ثاني جي درخواستن لاءِ هڪ مهيني واري مدت به ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي اپيلون مهيني بعد به داخل ٿي سگهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو