جسٽس فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس غير آئيني قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس کي سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت پنهنجو تفصيلي فيصلو جيڪو لارجر بينچ جي سربراهه جسٽس عمر عطا بنديال لکيو آهي. مجموعي طور اهو 224 صفحن تي مشتمل آهي جنهن مان متفقه ججمينٽ جا 174 صفحا جسٽس عمر عطا بنديال لکيا آهن. جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجا ڌار ڌار نوٽ به لکيا آهن. فيصلي جي شروعات قرآن پاڪ جي سورت النساءِ جي ان آيت سان شروع ٿئي ٿو جنهن ۾ چيل آهي ته آزاد ۽ غير جانبدار عدليه ڪنهن به معاشري لاءِ ضروري آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جج جي ملڪيت بابت جاچ جي منظوري مجاز اختيارين کان نه ورتي وئي اسيٽ ريڪوري يونٽ جي شهزاد اڪبر قانون واري وزير کان منظوري ورتي جيڪو درست ناهي. جسٽس عيسيٰ کي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس جو به ڪو مضبوط بنياد ناهي. عدالت اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور جي لکت ۾ پيش ڪيل جواب ۾ استعمال ڪيل سخت ٻولي تي به اعتراض ڪندي ان کي رد ڪيو آهي. عدالت چيو آهي ته اطلاعات بابت اڳوڻي مشير فردوس عاشق اعواڻ جسٽس عيسيٰ خلاف توهين آميز ٻولي استعمال ڪئي جنهن تي سندس خلاف توهين عدالت جي ڌار ڪاروائي ٿيڻ گهرجي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي جسٽس عيسيٰ جو وڪيل سندس ڳجهي نگراني جو ڪو ثبوت ته پيش نه ڪري سگهيو آهي پر آئين موجب بينظير ڀٽو ڪيس ۾ ڏنل فيصلي مطابق ججن جي ڳجهي نگراني غير آئيني عمل آهي. قانوني ۽ سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته عدالتي فيصلو صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان لاءِ وڏو ڌڇڪو آهي ۽ اخلاقي طور هو پستي جو شڪار ٿيا آهن. ياد رهي ته 19 جون 2020 تي 10 رڪني بينچ مختصر فيصلو ٻڌائيندي ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو هو جنهن جو تفصيلي فيصلو جمعي تي جاري ڪيو ويو آهي. عدالت جي 7 ججن چيو هو ته جسٽس عيسيٰ جي گهرواري ٽيڪس معاملا ايف بي آر سان طئي ڪري. جنهن تي ڪجهه وڪيلن چيو هو ته عدالتي فيصلي سبب حڪومتي انتقام جي تلوار اڃا به مٿس لٽڪندي رهندي. صدر عارف علوي وزيراعظم عمران خان جي چوڻ تي ريفرنس جسٽس عيسيٰ کي فارغ ڪرڻ جو ريفرنس داخل ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو