چيف جسٽس احمد علي شيخ جو ايڊهاڪ جج ٿيڻ کان انڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ سپريم جڊيشل ڪميشن کي خط لکي سپريم ڪورٽ جو ايڊهاڪ جج ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جنهن بعد 10 آگسٽ تي سڏايل جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي. ڇو ته اڍاري تي سڏايل اجلاس جو واحد مقصد جسٽس احمد علي شيخ کي سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ هو. سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 4 سينئر ججن کي باءِ پاس ڪري پنجين نمبر واري جج محمد علي مظهر کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو ويو هو. جنهن تي وڪيلن سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪئي هئي. وڪيلن جو چوڻ آهي ته قانون وارو وزير فروغ نسيم، چيف جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس مشير عالم پنهنجا نوازڻ واري پاليسي تي عمل ڪندي هڪ مخصوص ٽولي کي فائدو ڏيڻ لاءِ قانون جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو