جسٽس احمد علي شيخ ايڊهاڪ جج مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم نيٺ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي سپريم ڪورٽ جو ايڊهاڪ جج مقرر ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ صدر عارف علوي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سينئر وڪيل شبير شر جو چوڻ آهي ته پارلياماني ڪمميٽي کان منظوري وٺڻ کانسواءِ قانون واري وزارت جيڪو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي اهو غير قانوني آهي. جسٽس احمد علي شيخ جيڪو اڳ ۾ ئي ان جو انڪار ڪري چڪو آهي، تنهن جيڪڏهن عهدو نه سنڀاليو ته کيس برطرف ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس مقرر ڪيو ويندو. احمد علي شيخ 2 آڪٽوبر 2023 تائين عهدي تي رهي سگهي ٿو. کيس وقت کان اڳ هٽائڻ عدالتي تاريخ جو هڪ ٻيو بدترين باب هوندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينئر جج عرفان سادات خان آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا هو مقرر ٿيندو يا ڪنهن ٻئي کي مقرر ڪيو ويندو.

Notification

جسٽس احمد علي شيخ جي نوٽيفڪيشن جي عجيب ٽائمنگ آهي ڪابل تي طالبان جي قبضي سبب جڏهن پوري دنيا جي ميڊيا جو ڌيان ان خبر تي آهي ته اهڙي ۾ صدر عارف علوي کان نوٽيفڪيشن جاري ڪرايو آهي.  ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي پنجين نمبر واري جج جسٽس محمد علي مظهر سپريم ڪورٽ جي مستقل جج طور حلف کڻي ورتو آهي. چيف جسٽس گلزار احمد کانئس حلف ورتو. سڄي ملڪ جي وڪيلن جون چونڊيل رنظيمون احتجاج ڪري رهيون آهن پر ان جي باوجود هڪ مخصوص ۽ بظاهر متعصب نظر ايندڙ ٽولو پنهنجي ايجنڊا ۾ ڪامياب ٿي ويو. ياد رهي ته جڊيشل ڪميشن جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 4 سينئر ججن کي نظر انداز ڪري محمد علي مظهر کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته پارلياماني ڪميٽي ۾ پيپلز پارٽي جي ٻن ميمبرن فاروق نائيڪ ۽ راجا پرويز اشرف ان جي حق ۾ وٽ ڏنو ۽ مسلم ليگ (ن) ان جي مخالفت ڪئي هئي. احمد علي شيخ جيڪو بار ڪائونسل وارن کي لفٽ نه ڪرائيندو هو تنهن جي حمايت ۾ سنڌ بار ڪائونسل به خاموش آهي. هاڻي ايندڙ 50 سالن ترائين سپريم ڪورٽ ۾ ڪو به سنڌي چيف جسٽس نه ٿي سگهندو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به 10 سالن تائين سنڌي چيف جسٽس نه اچي سگهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو