جسقم پاران درد منهنجي ديس جا عنوان هيٺ تقريب منعقد

شاهپورجهانيان (اسد جاني) جسقم پاران سال جي پڇاڙي مهيني ۾ سنڌ ڌرتيءَ کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويل مهان شخصيتن جيجي درشهوار سيد، شيخ اياز، تاجل بيوس، بينظير ڀٽو، سرمد سنڌي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ “ڊسمبر جا درد ، درد منھنجي ديس جا” جي عنوان هيٺ پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سياسي سماجي توڙي علمي ادبي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. تقريب جي صدارت ڪندڙ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ سرفراز ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته مٿي ذڪر ڪيل شخصيتون سنڌ جي تاريخ ۾ سنهري اکرن ۾ لکيل آهن ڇاڪاڻ جو مهان شخصيتن ساهه ڏئي سنڌ کي ويساهه ڏنو ۽ هميشه لاءِ امر ٿي ويا. هو اسان جا قومي هيرا آهن جنهن تي اسان کي فخر آهي. جسقم ضلعي نوابشاهه جي صدر علي رضا خاصخيلي چيو ته هنن هر فورم تي سنڌ جي للڪار بڻجي ڌرتيءَ لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندا رهيا سندن يادون اسان جي دل ۾ هميشه لاءِ ياد رهنديون انهن جي ياد ۾ ڏھاڙا ملهائڻ گهرجن. ناليواري ليکڪ ۽ اديب عبدالفتاح ٻگهيو چيو ته هونئن ته سنڌ مٿان 12 مهينا ظلم ٿيندو رهيو آهي پر ڊسمبر مهينو ٻين مهينن کان ڳوڙهائو مهينو آهي ڇو جو ان مهيني ۾ اسان کان ھميشه لاءِ مهان شخصيتون وڇڙي ويون آهن.

جسقم اڳواڻن ظفر ٻگهيو، اسد ٻگهيو، سيف سنڌي چيو ته سائين جي ايم سيد جي نياڻي جيجي ڊاڪٽر درشهوار سيد شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ تي پرڏيهه مان پي ايڇ ڊي ڪئي. هنن وڌيڪ چيو ته نياڻين کي برابر جا حق ڏنا وڃن، نياڻيون اسان جي معاشري جو حصو آهن. جسقم آريسر جي اشرف لغاري ، شاهنواز ڀٽي چيو ته قومي تحريڪ پنهنجي سگهه برقرار رکندي پئي اچي اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جون ايجنسيون خوفزده ٿي اسان جا قومي جهنڊا لاهي رهيون آهن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪن پيون. ايس يو پي جي علي خان لغاري، لالا يوسف ٻگهيو چيو ته سنڌ ڌرتيءَ ھميشه انمول هيرا پيدا ڪيا آهن ڪڏهن جيجي درشهوار سيد جي روپ ۾ ته ڪڏهن شيخ اياز جي روپ ۾. صحافي عبدالوحيد ڏاهري، استاد هارون سولنگي چيو ته هنن سدائين سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي هو ڪڏهن به مور نه جهڪيا. پروگرام دوران شاعر علي خان عادل لغاري ۽ عرفان ٻگهيو شاعري ٻڌائي. آخر ۾ 1954ع کان پوءِ آيل سمورن ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ، ڌارين جا شناختي ڪارڊ رد ڪري کين نوڪريون مان ڪڍڻ، سنڌ جا وسيلا سنڌ حوالي ڪرڻ، نوابشاهه ۾ ثقافتي ڏينهن تي ڪارڪنن مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو