جروار ۽ سرحد ۾ چورين جو آزار، پوليس غائب، احتجاج

جروار/ سرحد(محمد بخش گبول/ غلام عباس مهر) گهوٽڪي ضلعي ۾ چورين جو آزار وڌي ويو آهي، پوليس ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام رهي آهي. جروار ٿاڻي جي حد ڳوٺ ابراهيم لاشاري مان ڳوٺاڻي جون ٽي ٻڪريون چوري ٿي ويون. اطلاع جي باوجود پوليس نه پهچڻ خلاف ڳوٺاڻن پوليس خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته پوليس چورن جي مالڪي ڪري ٿي. هوڏانهن سرحد مان به هڪ ئي رات ۾  3 مينهون ۽ ٽريڪٽر چوري ٿي ويا آهن. جروار مان ڳوٺاڻي ابراهيم لاشاري جون ٽي ٻڪريون چور چورائي ويا، پوليس خلاف احتجاج ڪندي ڳوٺاڻن رضا محمد لاشاريءَ،سڪندر گبول  ۽ ٻين جو چوڻ هو ته چورين جو آزار ڏينھون ڏينھن وڌي رھيو آھي اھڙي ڪا رات خالي ناھي جو چوريون نه ٿين اسين راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آھيون پوليس اڄ تائين چورن خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي آھي جنھنڪري چور بي خوف ٿي چوريون ڪن پيا. سندن وڌيڪ چوڻ ھو ته جيڪڏھن چورن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته انھن سان مزاحمت ڪرڻ سان ڪنهن به جاني نقصان جي صورت ۾ قبيلائي جھيڙا وڌي سگھن ٿا. ھنن ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته جروار ۾ سٺو آفيسر مقرر ڪيو وڃي ۽ چورن کي گرفتار ڪري اسان جي چوري واپس ڪئي وڃي. جروار ٿاڻي جي حد ۾ روڊن تي قائم پوليس پڪٽون هڪ هفتي کان هٽائڻ سبب چوري جون وارداتون تيز ٿي ويون آھن.***سرحد   ۽ پسگردائي ۾ بدامني وڌي وئي آهي، ڳوٺ ميرڻ لغاري مان نامعلوم چور ڳوٺاڻي بشير احمد لغاري جي گهر ۾ داخل ٿي 3 ڀلوڙ نسل جون مينهون چورائي فرار ٿي ويا ڳوٺاڻن چورن جا پيرا کڻي پيڇو ڪيو پر پيرا ڪچي طرف گم ٿي ويا جنهن بعد ڳوٺاڻا مايوس ٿي واپس موٽي آيا هوڏانهن سرحد ٿاڻي جي حد جهانپور لڳ ڳوٺ بودلو خان تڙت مان ڳوٺاڻي صيفل تڙت جي اوطاق ۾ نامعلوم چور داخل ٿيا جتان نا معلوم چور هڪ عدد ميسي ٽريڪٽر چوري ڪري فرار ٿي ويا جنهن بعد متاثر ڳوٺاڻن چورن جو پيڇو ڪيو ته ڪچي واري علائقي ۾ هٿياربندن مبينه طور  ڳوٺاڻن کان  موٽر سائيڪلون ۽ راڊو واچون کسي ورتيون .متاثر ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته بدامني چوٽ چڙهي وئي اسان جي اوطاق مان هٿياربندن ٽريڪٽر چوري ڪيو اسان اهڙو اطلاع پوليس کي پڻ ڪيو پر پوليس روايتي غفلت جو مظاهرو ڪندي اتي نه پهتي. هنن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان ٽريڪٽر موٽر سائيڪلن ۽ سامان جي واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو