جروار جي ٽٽل پل لکين ماڻهو پريشان، ڀوتارن جا آسرا

جروار(محمد بخش گبول) مختلف شھرن سان ملائيندڙ پلون گذريل ڪيتري ئي عرصي کان مرمت نه ٿيڻ سبب زبون حال ٿي ويون جروار خانپور مهر مسوواھ پل جروار گهوٽڪي مسوواھ پل جروار يارولنڊ چاڪر مائينر پلون زبون هجڻ سبب وڏيون گاڏيون ڪيتري ئي عرصي کان هنن پلن تان گذر نه ٿيون ڪن جنهن سبب دڪاندارن ۽ واپارين کي سامان گهرائڻ ۽ موڪلڻ ۾ ڏکيائون ٿيڻ لڳيون . ان حوالي سان شهرين علي گوهر گبول ،نويد، ولي محمد بوزدار، محسن علي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سياسي ڀوتار واعد ڪن ٿا پر ڪم نٿا ڪرائين. انتظاميه کي شڪايت به ڪئي آهي پر ڪير ٻڌڻ وارو ناهي. اسين هڪ ڀيرو ٻيهر ڊي سي گهوٽڪي ۽ وس وارن کي اپيل ڪيون ٿا ته ڄاڻايل پلن جي مرمت ڪري شھرين کي پريشاني کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو