جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي پاڻي کوٽ خلاف ريلي

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ ظھير وسير) جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي ضلع گهوٽڪي جي سڏ تي ضلع گهوٽڪي ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ خلاف سياسي سماجي تنظيمن طرفان زبردست ريلي ڪڍي ۽ ڌرڻو هنيو  ريلي ۾ جسقم،جسم، ايس يو پي، جساف جي سوين ڪارڪنن اقبال پمپ کان ريلي ڪڍي شھر جي مختلف چوڪن کان گشت ڪري ڀٽائي چوڪ تي نٽھڻ اس ۾ 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. ڌرڻي دوران راشي ايريگيشن سيڊا ڊاريڪيٽر محمد علي زرداري ۽ انجنيئر خورشيد کوکر خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين فقير رمضان ڪلوڙ. ڪمال مهر. نظير شيخ. ميرحسن لاشاري. . يوسف بوزدار  چيو ته پنجاب سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌي ماڻھن کي بک مارڻ چاهي ٿو. هنن چيو ضلع گهوٽڪي ۾  ايريگيشن جي ڪرپٽ مافيا گهوٽڪي فيڊر ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري گهوٽڪي جي آبادگارن سان ظلم ڪري رهي آھي. هنن چيو سيڊا ڊاريڪٽر محمد علي زرداري ۽ انجنيئر خورشيد کوکر ضلع گهوٽڪي لاء آيل هڪ ارب جي فنڊن مان ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي آھي.هنن چيو ته ايريگيشن انتظاميا سياسي بنياد تي پاڻي جي وارا بندي ڪئي پئي وڃي جنهن ڪري لکين ايڪڙ زرعي زمين غيرآباد پيل آھي.هنن اعلان ڪيو ته جيڪڏھن گهوٽڪي فيڊر ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم نه ڪئي وئي ته سيڊا ڊاريڪيٽر آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو