جج جي ويڊيو ٺاهيندڙ دبئي فرار ٿيندي ايف آءِ اي هٿان گرفتار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز شريف کي سزا ڏيندڙ احتساب عدالت جي هٽايل جج ارشد ملڪ جي وڊيو ٺاهيندڙ ميان طارق کي ايف آءِ اي گرفتار ڪري ورتو آهي. وفاقي جاچ اداري جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي اسلام آباد جي سائيبر ڪرائيم ونگ جوابدار ميان طارق جي گهر مان ڇاپو هڻي وڊيو هٿ ڪئي، جنهن جي فارينزڪ ٽيسٽ ڪرائي وئي آهي. ايف آءِ اي ذريعن موجب وڊيو ٺاهيندڙ مُک جوابدار ميان طارق دبئي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته کيس گرفتار ڪيو ويو. واضح رهي ته مريم نواز جي پريس ڪانفرنس دوران وڊيو جاري ڪرڻ کانپوءِ جج ارشد ملڪ جيڪو حلف نامو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو هو، اُن م به ميان طارق جو ذڪر ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو