ججن کي دٻاءَ ۾ فيصلا نه ڪرڻ گهرجن، ادارن کي فردن لاءِ تڪراري نه بنجڻ گهرجي، بلاول

سکر(امداد ڪلوڙ ۽ جئيرام داس) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ججن کي آزادانه فيصلا ڪرڻ گهرجن ڪنهن به دٻاءَ ۾ نه اچڻ گهرجي. سکر ۾ خورشيد شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن گهوٽڪي جي ننڍي چونڊ بابت سوال تي چيو ته اميدوارن جي اهليت بابت عدالت فيصلو محفوظ ڪيو آهي ۽ 16 جولاءِ تي ٻڌايو ويندو. هن چيو ته 17 تي چونڊ مهم ختم ٿيندي، هي ڪهڙو طريقو آهي، ادارن کي دٻاءُ نه وجهڻ گهرجي، ادارن کي ڪنهن فرد خاطر تڪراري نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسانجي اميدوار کي پارٽي ڇڏڻ لاءِ ڇيو ويو ۽ سندس اڳ ۾ فارم رد ڪيا ويا ۽ هاڻي به کيس ڌمڪايو ٿو وڃي. بلاول چيو ته  گهوٽڪي جي عوام پيپلز پارٽي جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کان حڪومت خوفزده آهي. هن چيو ته هن ملڪ جا ادارا جيترا عمران خان جا آهن اوترا منهنجا به آهن، هڪ حلقي جي چونڊ جي معاملي تي ادارن کي تڪراري نه بڻجڻ گهرجي. هن چيو ته ائين پيو لڳي ڄڻ هر طرف دٻاءُ آهي. جج ارشد ملڪ جي ويڊيو اسڪينڊل بابت هن چيو ته ساڳيو جج نواز شريف کي سزا ٿو ڏئي وري ساڳيو جج زرداري جو ڪيس ٿو ٻڌي، ڪجهه ته دال ۾ ڪارو آهي. هن چيو ته هي اهي ئي ادارا آهن جن منهنجي نانا کي سزا ڏني، جن منهنجي والده کي انصاف نه ڏنو، مان انهن ادارن جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندس جيئن هو دباءَ بدران آزادي سان فيصلا ڏين. هن چيو ته موجوده حڪومت مشرف جيان ججن خلاف ڪاروائي پئي ڪري. ملزم کي الزام ٻڌائڻ بنا رات جي پيٽ ۾ ججن خلاف ريفرنس موڪليا پيا وڃن، ائين نه ٿيڻ گهرجي. سکرمان جئيرام داس موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان کي نئون پاڪستان نه بلڪه اسان جو پراڻو پاڪستان گهرجي ٿو، مهانگائي خلاف لڳايل ڌرڻي ۾ سکر جي شهرين، واپارين ۽ عوام ڀرپور شرڪت ڪري ثابت ڪيو آهي ته هو هن سليڪٽيڊ حڪومت مان تنگ ٿي چڪو آهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غريب هاري کي زمينون ڏئي مالڪي جا حق ڏنا ۽ غريب هاري زمين جو مالڪ بڻيو، هن اهڙو اظهار هن سکر پريس ڪلب آڏو مهانگائي، بيروزگاري خلاف لڳايل ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو چيو ته شهد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي غريب مزدورن کي انهن جا حق ڏنا ، ملڪ ۾ غيرجمهوري قائم ڪري ملڪ جي عوام کي جهموري نظام ڏنو.

شهيد ڀٽو غير جهموري طاقتن کي للڪاريندي شهادت ماڻي پر ملڪ جي عوام خلاف اٿندڙ غيرجمهوري قوتن اڳيان نه جهڪيو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي عوام لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ملڪ جي بيروزگار نوجوانن ۽ عورتن جي روزگار لاءِ جدوجهد ڪئي، محترمه بينظير ڀٽو عورتن لاءِ ليڊي هليٿ ورڪر پروگرام متعارف ڪرايو اڄ اهي ليڊي هيٿ ورڪر سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته اسان جي دور ۾ ٻه سيلاپ آيا ۽ دهشتگردي جي بدترين صورتحال هجڻ باوجود اسان انهن سڀني مسئلن باوجود صدر زرداري جي دور ۾ حڪومت ملڪ ۾ عوام جو ڀرپور خيال رکيو. اسان ملازمن جي پگهارن ۾ ڏيڍ سئو سيڪڙو اضافو ڪري عوام کي مهانگائي کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته اسان فوج، پوليس سميت مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ پگهارن ۾ اضافو ڪري انهن کي پنهنجو گهر هلائڻ جي قابل ڪيو، غريب رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو