” جتي يار پيرون پٽن تي پچن ٿا“ سنڌ جو روايتي ميووتيار

گهوٽڪي (اسد مير چاچڙ) سنڌ جو مشهور قدرتي ميوو سمجهو ويندڙ پيرون پچي ويا آهن ۽ مختلف شهرن ۾ کبڙ جي وڻن تي اڪثر نوجوان تپڙي ٻار نظر اچن ٿا. کبڙ جنهن کي ڪجهه ماڻهو ڄار پڻ سڏيندا آهن، انهن تي هن مند ۾ رش نظر ايندي آهي. سنڌ مان ٻيلا ختم ٿيڻ سبب اڪثر ڪري کبڙن جا وڻ گهٽ ٿي ويا آهن پر اڄ به اڪثر قبرستانن ۽ ڪلراٺن علائقن ۾ کبڙ جا وڻ موجود آهن. سنڌ جي هڪ تاريخي ماڳ مومل جي ماڙي لڳ گهاٽن کبڙن ۾ پڻ اڄڪلهه پيرن سبب ماڻهو پيرون پٽڻ اچن ٿا.

مٺاڻ سان ڀرپورر پيرون ماڻهن توڙي پکين جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويا آهن، ٻارڙا ۽ وڏڙا پيرون پٽي کائڻ سان گڏ پنهنجي گهر توڙي عزيزن دوستن ڏانهن سوکڙي طور موڪلين ٿا. مختلف علائقن کان سون جي تعداد ۾ ماڻهو مومل جي ماڙي پهچي تاريخي ۽ تهذيبي آثارن سان گڏ پيرن جو مزو پڻ وٺن ٿا. لطيف سرڪار، استاد بخاري، شيخ اياز سميت ٻين شاعرن جي شاعري ۾ پيرون جو ذڪر آهي. پيرون جو اثرٿڌو آهي پر گهڻي مقدار ۾ کائڻ سان زبان سڙڻ لڳندي آهي. پيرون جا ڪافي قسم ٿين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو