اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي هڪ احتساب عدالت اختيارن جي ناجائز استعمال واري نيب جي ريفرنس تي ٻڌڻيءَ دوران اڪثر جوابدار پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جواظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي جوابدارن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اڄ رڳو لياقت جتوئي عدالت ۾پيش ٿيو. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي ۽ ٻين خلاف نيب جي ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت جوابدارن جي عدم پيشيءَ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي عدم پيشيءَ جي حوالي سان به جواب جمع نه ٿيو ۽ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. اُن ڪيس ۾لياقت جتوئي، يوسف ميمڻ ۽ غلام نبي مڱريو بريت لاءِ درخواست پڻ داخل ڪرائي ڇڏي آهي، نيب ٽنهي جوابدارن جي بريت واري درخواست جي مخالفت ڪري ڇڏي. نيب عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدارن خلاف پڪا ثبوت موجود آهن ۽ ٽرائل شروع ٿيڻ تي ثبوت پيش ڪيا ويندا. ٻڌڻيءَ دوران لياقت جتوئيءَ کانسواءِ ٻيا جوابدار پيش نه ٿيا. عدالت ايندڙ ٻڌڻي 22 مارچ تي مقرر ڪندي سمورن جوابدارن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر تبديل، نوٽيفڪيشن جاري
بائيڊن جو شهباز کي خط،نيڪ خواهشن جو اظهار
ٻن مٿن ۽ هڪ جسم وارين ڇوڪرين جي شادي ٿي وئي
ڪڪڙ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل
اين اي 207 تان آصفه ڀٽو بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر منتخب
معيشت جي بهتري لاءِ سياسي يا انتظامي دٻاءُ برداشت نه ڪبو
’سي سي آءِ‘ جي جوڙجڪ، ناڻي جو وزير آئوٽ، ڊار اِن
پي ايس 80 تي پ پ اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري
بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو، وزير جو نوٽيس
خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو اعلان
ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب