جتوئين ۽ شاهاڻين جو جرڳو 80 لک روپيا ڏنڊ، ڌريو کير کنڊ

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)ڪيٽي جتوئي ۾ شاهاڻين ۽ جتوئين ۾ ٿيل جهيڙي جو جرڳو، ڏرين تي 80 لک ڏنڊ وڌو ويو. جمالي هائوس تي مير منظور خان پنهور جي سرپئنچي ۾ فيصلوڪيو ويو. جتوئي ڌر تي 2 خون ثابت ٿيڻ تي 50 لک ڏنڊ ۽ شاهاڻين پاران فصل ڀيلائڻ، لانڄين تي قبضا ڪري بنگلي جي ڀڃ ڊاهه جو 30 لک ڏنڊ وڌو ويو.  ٻه هفتا اڳ ڪچي واري علائقي ۾ فصل جي ڀيل تان شاهاڻي ۽ جتوئي برادري  ۾ شروع ٿيل خوني تڪرار جو نيبرو  اڄ ايم اين اي دادو سردار رفيق احمد جمالي جي اوطاق تي مير منظور پنهور جي سرپئينچي هيٺ ٿيو.

Photo Sindhyar

ان موقعي تي شهر جي اندر سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا دادو شهر جي اندر داخلي روڊ رستن تي پوليس پڪٽون قائم ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي تلاشي ورتي وئي جڏهن ته فيصلي واري هنڌ تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا ۽ ان جاء تي پوليس بڪتر بند گاڏيون بيهاري ويون جڏهن ته بم اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو هو. جيڪو فيصلي تي ايندڙ ماڻهن جي گاڏين جي تلاشي وٺي رهيو هو. 

Photo Sindhyar

ياد رهي ته ٻه هفتا اڳ ڪچي واري علائقي اسماعيل جا ڀاڻ ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي ۽ شاهاڻي برادري ۾ فصل جي ڀيل تان جهيڙو ٿي پيو هو ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان  فائرنگ ڪئي وئي هئي جنهن ۾ شاهاڻي برادري جا ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا هئا ٻنهي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جي خاتمي لاء پ پ ايم اين اي دادو سردار رفيق احمد جمالي ڪوششون ورتيون هيون جيڪي ٻنهي ڌرين پاران  ورتل ڪوششون قبول ڪري فيصلي لاء راضي ٿيا.

Photo Sindhyar

فيصلي ۾ سردار ڏاتل خان جمالي سردار رفيق احمد جمالي مير منظور پنھور ڊاڪٽر ابراھيم جتوئي سردار چاڪر خان شاھاڻي سردار سعيد خان جمالي  امان الله شاھاڻي مرتظي خان جتوئي غلام شبير ابڙو بابن خان پنھور علي گوھر شاھاڻي عليم جتوئي رفيق ميراڻي خليل شيخ  سيد اقبال شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ ٻنهي ڌرين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ پڻ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو