جبري گمشدگيون بند ڪريو، 19 آگسٽ تي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان

خيرپور (سجاد علي ڪٻر) جسقم جي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ مان مسلسل پر امن سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ جسقم ضلع اولهه ڪراچي جو صدر اصغر بروهي، سردار ملاڻو، بدين جو اڳوڻو صدر مختيار بوزدار سميت ڪيترائي ڪارڪن کنڀي گم ڪيا ويا آهن،هن چيو ته اسين واضع ڪرڻ گهرون ٿا ته اسين پنهنجي ڌرتي جي لاءِ پر امن جاکوڙ ڪري رهيا آهيون ۽ ان جدوجهد کي خاموش ڪرائڻ لاءِ اهڙا حربا هلايا پيا وڃن، اسين چئون ٿا ته جيڪڏهن اسان جو ڪوبه ڪارڪن ڪنهن به طرح توهان کي گهربل آهي ته ان کي چورن وانگر گهرن ۾ گهري ٻچن ٻارن کي ڌڪ هڻي کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ڇا اسان جي رهبرسائين جي ايم سيد توهان جي ڪورٽن ۾ پيش نه ٿيو هو، ڇا شهيد بشير خان قريشي توهان جي ڪورٽن سان منهن نه ڏنو، اسان جا ڪارڪن جڏهن توهان گرفتار ڪيو ٿا ڪوڙا ڪيس مڙهي جيل ۾ واڙيو ٿا؟ ته پوءِ هي ظالماڻو رويو ڇو اختيار ڪيو ٿا؟ اهو ان ڪري جو اسان غلام آهيون ۽ اوهان آقا آهيون، پراها روش گهڻو وقت نه هلي سگهندي، تنهنڪري پر امن هٿين خالي، دهشتگردي ۽ ڪوڙ واري سياست کان نفرت ڪندڙ قومي ڪارڪنن آزاد ڪيو نه ته ٻي صورت ۾ اسين سڄي سنڌ ۾ پرامن  احتجاج جو حق رکون ٿا، اسان عدم تشدد جا پيروڪار آهيون تنهن ڪري اسان کي تنگ نه ڪيو وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن اصغر بروهي سميت سمورن قومي ڪارڪنن کي آزا نه ڪيو ويو ته 19 اگسٽ تي سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو، هن چيو ته اسين سنڌ واسين کي چئون ٿا ته 19 اگسٽ تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪارا جهنڊا کڻي پريس ڪلبن اڳيان احتجاج ڪن،ان باوجود ڪارڪنن کي آزاد نه ڪيو ويو ته ڪراچي پريس ڪلب تي زنجيرون ٻڌي ڪارا جهنڊا کڻي احتجاج جو سڏ ڏينداسين. هن چيو ته اسان ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ واري عمل جي به سخت مذمت ڪيون ٿا ۽ اسين جلد وڏي جدوجهد جو سلسلو شروع ڪنداسين، جنهن جي ذميواري هتان جي حڪمرانن تي هوندي.پيپلز پارٽي هڪ ئي موقف اختيار ڪري ته سنڌ وفاق حوالي نه ڪرڻ ڏينداسين، ڪراچي کي سنڌ کان جدا ڪندڙ ٽولو، چاهي اهو وفاق هجي، عمران خان هجي، ايم ڪيو ايم هجي يا پي پي هجي ڪنهن کي به اها اجازت نه ڏيناسين ته ڪراچي کي سنڌ کان جدا ڪن، لکين ڌرتي جا عاشق ڌرتي ماءُ مٿان قربان ٿيندا پر هڪ انچ به سنڌ جو ڪنهن کي به ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيون. ان موقعي تي ايوب لاشاري، سجاد شاهه، الطاف چنو ۽ ٻيا موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو