جبري موڪل جو نوٽيفڪيش واپس، برفت وي سي طور بحال

ڄامشورو (ن سنڌيار) سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي فتح محمد برفت جي جبري موڪل وارو حڪومتي نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ بعد هو عهدي تي بحال ٿي ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي دوران حڪومتي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته جبري موڪل وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺو، ٻئي صورت ۾ ڪالعدم قرار ڏنو ويندو. جنهن بعد سنڌ سرڪار جي وڪيل طرفان نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو. جنهن بعد فتح محمد برفت عهدي تي بحال ٿي ويو آهي. عدالتي فيصلي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فتح محمد برفت چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو لکت ۾ فيصلو ملندي ئي چارج سنڀاليندس، غيرقانوني نوٽيفڪيشن ذريعي جبري موڪل تي روانو ڪيو ويو هو، ڪرپشن جي الزامن لاءِ جڙيل جاچ ڪميٽي سان به سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو