جبري لاپته ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف بک هڙتال

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي جبري طور کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ عام شھرين جي آزاديءَ لاءِ پريس ڪلب حيدرآباد آڏو ٽن ڪلاڪن واري علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جڏھن ته بک ھڙتالي ڪيمپ تي جبري طور کنڀي گم ڪيل سنڌي نوجوانن جي آزادي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي، انھيءَ موقعي تي بک ھڙتال کي خطاب ڪندي يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌ جو اديب جامي چانڊيو، سسئي لوھار، تبسم ملاح، شازيا چانڊيو، سويرا خاصخيلي، قومي راڳي وقار ملاح، امداد چانڊيو، حمز علي چانڊيو، اسد مغيري ۽ ٻين چيو ته ڪراچي مان ٻيو ڀيرو کنڀي گم ڪيل عاقب چانڊيي سان گڏ جبري طور گم ڪيل قومي ۽ سياسي ڪارڪنن ايوب ڪانڌڙو، انصاف دايو، شاھد جوڻيجو، محفوظ نوتڪاڻي، مرتضيٰ جوڻيجو، اسلم مھيري، مرتضيٰ سولنگي، حفيظ پيرزادو، رفيق عمراڻي، شادي خان سومرو، سومار ملاح، مسعود شاھ، پٺاڻ خان زھراڻي، مھراڻ ميراڻي، ڊاڪٽر آيت الله جروار، ڊاڪٽر فتح محمد کوسو، سھيل رضا ڀٽي، حيدر کوسي، فقير اعجاز ڳاھي، امتياز خاصخيلي، گلشير ٽڳڙ، آڪاش ٽڳڙ، ڪاشف ٽڳڙ، امداد شاھه، جاويد شورو، نسيم بلوچ، شڪيل حيدر سنڌي، نواب علي مهر ۽ ٻين ڪيترن سنڌي نوجوانن کي جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو آھي، ھنن چيو ته رات جي پيٽ ۾ جبري طور کنڀي گم ڪيلن کي جلد کان جلد آزاد ڪري انھن جي خاندان مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، ھنن چيو ته نوجوانن جو اگر ڪو ڏوھه آھي ته انھن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، ھنن چيو ته ڏيڍ سال رياست جو تشدد برداشت ڪرڻ کانپوءِ 19 سالن جو معصوم نوجوان عاقب چانڊيو آزاد ٿيو جنھن کي ٻيو ڀيرو اسر ويل ڪراچي مان ڌاڙيلن وانگر چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري ڀينرن ۽ گھرواريءَ کي رتو رت ڪري کنڀي گم ڪيو ويو، ھنن چيو ته عاقب چانڊيو جي پيرسن ماءُ سميت سڀني جون مائرون بيحال آھن ۽ پريس ڪلبن تي احتجاج ڪري رھيون آھن ليکن انھن جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، انھيءَ موقعي تي اڳواڻن عالمي انساني حقن جي تنظيمن، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، ھيومن رائيٽس ڪميشن ۽ ٻين انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل سنڌي نوجوانن جي آزادي جي لاءِ ۾ قدم کڻڻ ته جيئن اھي پنھنجي گھر ڀاتين سان ملي سگھن.

پهنجو تبصرو موڪليو