جبري طور کنڀيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاج

نواب شاھ/ گهوٽڪي (نمائندن وٽان ) جسقم جي سڏ تي جبري طور کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ نوابشاهه ۽ گهوٽڪي ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. نوابشاهه مان اي ڪي ڏاهري موجب کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ عام شھرين جي آزاديءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ جبري طور کنڀي گم ڪيل سنڌي نوجوانن جي آزادي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي، انھيءَ موقعي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي جسقم جي ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي، سرفراز ميمڻ، منير ابڙو، سيد ناصر شاهه، ڪاشف لاکو ۽ ٻين چيو ته رات جي پيٽ ۾ جبري طور کنڀي گم ڪيلن کي جلد کان جلد آزاد ڪري انھن جي خاندان مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، ھنن چيو ته نوجوانن جو اگر ڪو ڏوھه آھي ته انھن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، ھنن چيو ته ڏيڍ سال رياست جو تشدد برداشت ڪرڻ کانپوءِ 19 سالن جو معصوم نوجوان عاقب چانڊيو آزاد ٿيو جنھن کي ٻيو ڀيرو اسر ويل ڪراچي مان ڌاڙيلن وانگر چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري ڀينرن ۽ گھرواريءَ کي رتو رت ڪري کنڀي گم ڪيو ويو، ھنن چيو ته عاقب چانڊيو جي پيرسن ماءُ سميت سڀني جون مائرون بيحال آھن ۽ پريس ڪلبن تي احتجاج ڪري رھيون آھن ليڪن انھن جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، انھيءَ موقعي تي اڳواڻن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، ھيومن رائيٽس ڪميشن ۽ ٻين انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل سنڌي نوجوانن جي آزادي لاءِ قدم کڻن ته جيئن اھي پنھنجي گھر ڀاتين سان ملي سگھن.**** گھوٽڪي مان سليم فضل ڪلهوڙو موجب جساف جي مرڪزي سڏ تي جساف ضلعي گھوٽڪي طرفان جساف اڳواڻ ڪاشف شر سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء جساف اڳواڻ رشيد سنڌي جسقم ضلعي صدر حبيب الله گھوٽو واحد بخش چاچڙ وھاب سھتو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گھوٽڪي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڏوھ ۾ سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي. ڪجهه ڏينھن جساف اڳواڻ ڪاشف شر جي گھر تي چڙھائي ڪري کيس کنڀي گم ڪيو ويو آھي جيڪو اسان مظلوم سنڌين سان ظلم آھي ڇا سنڌ جي حقن لاء آواز اٿارڻ ڪو ڏوھ آھي اسان جو مطالبو اھو آھي ته سنڌ مان جبري طور کنڀي گم ڪيل پر امن سياسي ڪارڪنن ڪاشف شر محفوظ نوتڪاڻي عاقب چانڊيو  کي آزاد ڪيو وڃي اگر ڪنھن جو ڪو ڏوھ آھي ته ان کي عدالت ۾ آڻيو وڃي پر امن قومي ڪارڪنن جي گھرن تي بنا جواز چڙھايون ۽ قومي ڪارڪنن کي تنگ ڪرڻ بند ڪيو وڃي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو