جاڳرتا جلوس، سهولتن نه هئڻ خلاف احتجاج، گرمي سبب ٻار بيهوش

ڪراچي( نمائندن وٽان) سنڌ ۾ تعليم سرڪاري اسڪولن مان پرائڻ بابت مٺي ۾ سيمينار، مختلف شهرن ۾ جاڳرتا جلوس ڪڍڻ کانسواءِ اسڪولن ۾ سهولتون نه هئڻ خلاف احتجاج به ڪيا ويا، شاهه پور جهانيا ۾ گرمي سبب شاگرد بيهوش ٿي ويا، مختلف شهرن ۾ تعليم بابت نمائندن جي رپورٽن جي گڏيل رپورٽ هن طرح آهي. مٺي مان لياقت نهڙيو موجب رفام سپورٽ يونٽ ۽ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ پاران گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول ۾ تعليمي سيمينار ۾ پ پ ايم اين اي ڊاڪٽرمھش ڪمار ملاڻي ، سيڪريٽري تعليم قاضي شاھد پرويز ميمڻ جي شرڪت ، پرائمري مين اسڪول ، گورنمينٽ ھاء اسڪول ، گورنمينٽ گرلس ھاء اسڪول جو پڻ دورو ، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جو نالو محمد عثمان ڏيپلائي ميمڻ ۽ گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول جو نالو قاضي علي محمد ميمڻ رکيو ويو.

سيمينار ۾ ڊي اي او دولت رام آيل مھمانن کي آجياڻو ڏيندي چيو ته قاضي شاھد پرويز پنهنجي جنم ڀومي کان تعليم انرولمينٽ جي حوالي سان مھم شروع ڪئي آھي. ھاءِ اسڪول جي سينيئر استاد شير محمد جوڻيجو اسڪول بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته ھن اسڪول پوري دنيا ۾ نالو ڪمايو آھي ، ھن اسڪول مان تمام گھڻا شاگرد تعليم پرائي ويا آھن جنهن مان قاضي شاھد پرويز به ھڪ آھي ، ميمڻ برادري جي ڪوششن سان ھن اسڪول کي 1944 ۾ مڊل اسڪول مان ھاءِ اسڪول جو درجو مليو ۽ اڄ ھن اسڪول جي شاگرد ميمڻ برادري سان تعلق رکندڙ سيڪريٽري تعليم قاضي شاھد پرويز ميمڻ ماڊل اسڪول جو درجو ڏنو آھي، انھي کان علاوھ ميمڻ برادري جي حاجي غلام محمد لاٽ پاران سائينس ليب لاءِ ساڍا ست لک ڏنا ويا جنهن مان سائينس ليب جو سامان ورتو ويو جيڪو پڻ سيڪريٽري کي وزٽ ڪرايو ويو ، انھي کان علاوھ راجا راحيل ۽ عبدالله جان ميمڻ پاران اسڪول ۾  ڪمپيوٽر چيئر ڏنيو ويون جڏھن ته ڏيپلو شھر ۾ ميمڻ برادري جو نه ھجڻ جي باوجود ھو پنهنجي شھر لاءِ بھتري چاھين ٿا. گسٽا اڳواڻ ذوالفقار نھڙي چيو ته دنيا انهن ماڻهن ترقي ڪئي آھي جنهن تعليم پرائي آھي ، ٿر مان جهالت ختم ڪرڻ لاءِ قاضي صاحب مشن کڻي نڪتا آھن جنهن ۾ توھان ۽ اسان سڀني کي ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي ضرورت آھي ، ھن وڌيڪ سيڪريٽري صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو ته ٿرپارڪر ۾ استادن جي تمام گھڻي کوٽ آھي ، انهي ڪري ڪافي اسڪول بند آھن. سيمينار کي خطاب ڪندي پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي چيو ته اڄ مٺي ۾ پڻ سيمينار رکيل ھيا ليڪن مون ھن تعليم پروگرام کي اوليت ڏيندي شرڪت ڪئي آھي ، اسان تعليم کاتي ۾ ڪڏھن به سياسي مداخلت نه ڪئي آھي ۽ نه ڪنداسون ، آئون سيڪريٽري نه بلڪ قاضي شاھد پرويز کي گذارش ٿو ڪريان ته توھان پنهنجي جنم ڀومي جي اسڪولن ۽ ڪلوئي تعلقي جي بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ جي وڌ کان وڌ ڪوشش ڪريو ۽ اسان کان بنا پڇڻ جي رپيئر لائق اسڪولن جي رپئر ڪرايو ۽ انهن ٻنهي تعلقن ڏيپلو ۽ ڪلوئي کان پوءِ سموري ٿر ۾ جنهن اسڪولن جي ايس اين ئي منظور نه ٿيل آھي انهن جي ايس اين ئي منظور ڪريو ، ته جئين ھر ماڻهو کي تعليم جي سھوليت ملي سگھي. آخر ۾ تعليم جي سيڪريٽري قاضي شاھد پرويز ميمڻ چيو ته مون پاڻ ھن اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي آھي ، انهي کان پوءِ 1974 ۾ اسان ڏيپلو ڇڏيو ھو ۽ اڄ آيو آھيان ، انهي وقت ۽ اڄ جي استادن مان اھا ئي روشني اھا ئي چمڪ نظر آئي آھي مون اڄ 3 اسڪول وزٽ ڪيا جنهن ۾ گرلس ھاءِ اسڪول ، محمد عثمان پرائمري اسڪول ، سميت ھتي نيو راڻيويرو ماڊل اسڪول ۽ ھاءِ اسڪول جي شاگردن جون تقريرون ٻڌيون جنهن مان اھو محسوس ٿيو ته ڏيپلو تعليم جي حوالي سان اڳتي وڌيو آھي پر گھٽيو نه آھي ، سنڌ ۾ استادن جون پگھارون تمام سٺيون آھن  جنهن ڪري انهن کي گذارش آھي ته ھو پنهنجيون ڊيوٽيون سٺي نموني سرانجام ڏين ، ڪوتاھي ڪندڙ استادن کي بخش نه ڪيو ويندو ، ۽ اھي پنهنجي نوڪري تان ھٿ ڌوئي ڇڏين ، اھو اسان جي وزير تعليم سردار شاھ جو حڪم آھي ، ھن وڌيڪ چيو ته وزير تعليم ، تعليم کاتي جي سڀني آفيسرن کي اھو پڻ حڪم جاري ڪيو ته ھر ڪو پنهنجي علائقي ۾ انرولمينٽ جي حوالي سان مهم شروع ڪري ۽ انهي حڪم تحت آئون پنهنجي شھر ڏيپلو آيو آھيان ، ھن وڌيڪ چيو ته وزير تعليم ھر علائقي جي اسڪولن جا نالا انهي اسڪول کي اپگريڊ ڪرائڻ يا ، انهي اسڪولن جي سنڀاليندڙن جي نالن سان منسوب ڪريو ۽ سموري سنڌ ۾ 300 ماڊل اسڪول ٺاھيا ويندا ، جنهن مان ڏيپلو ۾ ھاءِ اسڪول بوائز ۽ محمد عثمان ڏيپلائي ميمڻ پرائمري اسڪول کي گڏ ڪري ماڊل اسڪول جودرجو ڏيندي قاضي علي محمد ميمڻ جو نالو ڏنو ويو اھو نالو به تعليم جي وزير سردار شاھ ڏنو آھي مون صرف انهي پاران اعلان ڪيو آھي ، ۽ ڏيپلو جي ڊگري ڪاليج جو نالو محمد عثمان ڏيپلائي ميمڻ رکڻ جو پڻ اعلان ڪيان ٿو . ۽ اوھان کي گذارش ٿو ڪريان ته جيڪي اسڪول رپيئر لائق آھن ۽ جنهن اسڪول ۾ جيڪا سھوليت نه آھي انحي بابت مون کي درخواستون ڏيو ته جئين انن اسڪولن ۾ اھا سھوليت ڏني وڃي ، باقي ٻھراڙي کان شاگردن جي اچڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ لڳا پيا آھيون جنهن تي جلد عمل ڪريو ويندو جنهن ۾ اسپيشل بسون يا وينون نه ھُنديون ليڪن مقامي سطح تي ھلندڙ گاڏين جو ٺيڪو ڪيو ويندو جنهن ذريعي شاگردن کي سھوليت ميسر ڪئي ويندي. انھي موقعي تي ڊائريڪٽر سيڪنڊري ايڊيوڪيشن  ديدار حسين جلباڻي، ڊائريڪٽر پرائمري عبدالوھاب عباسي، سائين ھميرچند رٽائرڊ ماستر ـ ڊي اي او سيڪنڊري دولترام ـ ڊي اي او پرائمري ڪيولرام سوٽھڙ ـ احمد بجير سوشل ويلفيئر، سائين حافظ محمد کٽي ـ شھري اتحاد چيئرمن حاجي غلام محمد ميمڻ ـ حاجي ھارون ميمڻ ـ ايم ايس ڊاڪٽر نندلال لھاڻو ـ سومجي ڌاراڻي ـ  فتح علي راھمون سميت سياسي سماجي اڳواڻن شھرين استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.*** شاهپور جهانيان مان اسد ٻگهيو موجب ڳوٺ نئون گچيرو جي پرائمري اسڪول ۾ بجلي جي بندش سبب گرمي جي سٽ نہ سهندي ٻہ شاگرد علي رضا چنڊ ۽ عبدالخالق چنڊ بيهوش ٿي ويا .

جڏهن تہ گرمي سبب سبق ٻڌائڻ دوران شاگردياڻي مهوش پڻ چڪر اچڻ ڪري بيهوش ٿي هيٺ ڪري پئي ، بيهوش ٿيل شاگردن ۽ شاگردياڻي کي اسڪول جي استادن ۽ شاگردن ٿڌي پاڻيء سان هٿ منهن ڌورائي هوش ۾ آندو ويو.*** لاکاروڊ مان اظھر جلباڻي موجب گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول لاکاروڊ جي سوين شاگردن اسڪول ۾ استادن جي کوٽ ،بلڊنگ جي زبون حالي،سائنس حال ۽ ڪمپيوٽر ليب نہ هجڻ سميت بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي شاگردن وجي ڪمار ،منور خاصخيلي،سهيل ڀٽي ۽ خانزمان سانگي ۽ اسڪول جي پرنسيپال سڪندر علي جوڻيجو سنڌ يار اخبار سان ڳالهائيندي چيو تہ اسڪول  ۾ 1100 کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آھن،پر سهولتن جي کوٽ سبب سندن تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، شاگردن جي تعداد موجب 35 ٽيچرس جو اسٽاف هجڻ گهرجي پر فقط 13 استاد موجود آهن،هائير سيڪنڊري جي بلڊنگ ڪمپليٽ ٿيڻ کان اڳ ئي  ڀرڻ شروع ٿي وئي آهي،هائير سيڪنڊري لاء فقط هڪ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ آهي،اسڪول جي چار ديواري ڪري پئي آهي،سائنس هال بہ ڪري پيو آهي بلڊنگ جي ڇتين جا چاپڙ بہ ڪري رهيا آهن،اسڪول جا چارئي واش روم ڪري ناڪارا ٿي ويا آهن، جر جو پاڻي کارو هجڻ سبب شاگرد پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.*** ڪنب مان صفدرچانڊيو موجب داخلا مهم  2019 جي حوالي سان هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ استادن شاگردن شھرين ۽ سول سوسائيٽي جي ماڻھن شرڪت ڪئي.

ريلي کي خطاب ڪندي ٽي اي او سيڪنڊري ڪوٽڏجي  محراب علي چانڊيو ٽي اي او ميل پرائمري حضوربخش رڏ ٽي او پرائمري فيميل آپا رضيا ڳاهو استاد عنايت حسين ملاح استاد عبدالجبار وساڻ استاد غلام سرور تمراڻي پنهنجي الڳ الڳ خطاب ۾ چيو ته اڄوڪي ريلي جو مقصد ٻارڙن جي سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا کي يقيني بنائڻ ۽  والدين کي سرڪاري اسڪولن ۾ معياري تعليم بابت  سڄاڳي ڏيڻ آھي***هالاڻي مان طارق جان سهتو موجب ڳوٺ جيئل سهتو جو پرائمري اسڪول ۾ ڪيتري ئي عرصي کان استاد مقرر نه هجڻ سبب معصوم نياڻيون ۽ ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آهن اسڪول ۾ استاد مقرر نه هجڻ باوجود شاگرد نياڻيون ۽ ٻارڙا روزانو ان اميد تي اسڪول اچن ٿا ته من ڪو تعليم کاتي جي آفيسرن کي اسان مستقبل خاطر استاد مقرر ڪيو هجي پر ٻارڙا انتظار ڪري مايوس گهر واپس وڃڻ تي مجبور آهن.

اسڪول ۾ استاد مقرر نه هجڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ شاگردن جو فوجي امداد سھتو غلام مصطفي سھتو اڌل خان سھتو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ جيئل سھتو جي پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ڪرڻ لاء احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ڳوٺاڻن ۽ ٻارڙن چيو ته خدارا اسڪول ۾ جلد استاد مقرر ڪري اسان جي اولاد جو مستقبل سنواريو وجي.*** ڳاڙھو مان علي رضا ڪاپڙي موجب ڪيٽي بندرتعليم کاتي تعلقي ڪيٽي بندر پاران ٻگھاڻ شھر ۾ تعليمي جاگرتا ريلي ڪڍي وئي.

جنھن ۾ شريڪ مھمان خاص ڊي ڊي او تعليم ٺٽو محمد صديق پليجو عاشق علي چانڊيو ٽي اي او محمد اسماعيل کان علاوہ استادن توڙي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي انهي موقعي تي هنن چيوتہ سرڪاري اسڪولن ڪتاب ۽ تعليم مفت آھي وڌ کان وڌ پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرايو.*** مانجهند مان مهراڻ عمراڻي موجب ڳوٺ اميد علي برهماڻي جي پرائمري اسڪول جي 6 مهينا اڳ ٿيندڙ مرمت ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪري ڪم اڌورو ڇڏي ٺيڪيدار غائب ويو جنهن سبب ٽائلس کي ڏار پوڻ سان گڏ چوديواري ۽ عمارت کي ڪيترن هنڌن تان ڏار پئجي ويا جنهن سبب ڀتيون ڪمزور ٿي ڪرڻ کي ويجهو ٿي ويو هر وقت شاگرد خوف مان تعليم پرائڻ لڳا . ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻي صدام برهماڻي ٻڌايو ت ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ تي سياسي بااثر ٺيڪيدار پوليس وٺي زبردستي ڪم هلايو جنهن سبب ٽانڪي واش رومن سميت ڪيتروئي ڪم مرمت کان رهجي ويو فرنيچر نه هئڻ سب شاگرد پٽ تي ويهي تعليم پرائين ٿا سولر سسٽم نه هئڻ سبب شديد گرمي پريشان ڪري ٿي گرمين ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست ن هئڻ سبب ٻارن کي سخت تڪليف پيش اچي ٿي هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ت ڪرپشن جي جانچ ڪرائي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن. *** نئون ڪوٽ مان پيارعلي نهڙيو موجب مين ٽائون پرائمري اسڪول مان سال 2019 جي داخلا مهم جي سلسلي ۾ اسڪول ايس ايم سي چئيرمين کجومل پي ڪرماني هيڊ ماستر ضياالله پٺاڻ ماستر نديم بجير پ ٽ الف اڳواڻ عبدالقادر نهڙي ايس ايم سي ميمبرن حنيف ڪنڀار اسلم پٺاڻ ماستر متارو جسڪاڻي ماستر نٿو مل جي اڳوڻي ۾ اسڪول کان شاگردن سان گڏ ريلي ڪڍي وئي جيڪا ڍورو بازار شاهي بازار بينظير چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب نئون ڪوٽ پهتي.

جتي ريلي جي اڳواڻن ايس ايم سي چئيرمين کجومل پي ڪرماني خطاب ڪندي  چيوته  پنهنجي ٻارن کي معاري تعليم ڏيارڻ لا والدين سرڪاري اسڪولن جي استادن سان سهڪار ڪن. ٻئي طرف يوسي ڀٽارو جي گورنمينٽ اليمينٽري اسڪول قاضي صاحبڏنو سومرو ۾ هيڊ ماستر عبدالغني سومرو استادن جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو